لاهور (عمران شفقت) حبيب اڪرم کي نجي ٽي وي تان آف ايئر ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ هاڻي حبيب اڪرم جي حوالي سان ٽرينڊ هلائي رهي آهي جنهن ۾ اي آءِ جنريٽڊ تصويرون آهن. حبيب اڪرم جو عمران خان ڏانهن جهڪاءُ هوندو آهي. هو ڳالهين ڳالهين ۾ ان ڳالهه تي زور ڏيندو هو ته عمران خان کان معافي ورتي وڃي. هو يوٽيوب تي هڪ پروگرام ڪندو هو جنهن ۾ 3 ڄڻا شامل هوندا آهن. اڪبر باجوا ۽ اجمل جامي هوندا هئا. اڪبر باجوا اڳ ئي آف ايئر ٿي چڪو آهي. اجمل جامي جي حوالي سان ذريعن جو چوڻ ته هو ته فوجي فيملي مان آهي، ٻيو ته هو پاڻ کي بيلنس ڪري هلندو آهي. ائين ئي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج محسن اختر ڪياني کي به ڪجهه ناهي ٿيڻو، ڇو ته هو به فوجي گهراڻي مان آهي. هڪ صحافي اهڙو آهي جنهن تي پڪڙ ٿي سگهي ٿي پر نه ٿيندي ڇو ته سندس ڀاءُ فوج ۾ برگيڊيئر ٻڌايو وڃي ٿو. هو نشاني تي هجڻ باوجود آف ايئر نٿو ٿي سگهي. نصرت جاويد چيو هو ته عمر ايوب کي 7 خون به معاف آهن، کڻي هو ڪيتري به فوج تي تنقيد ڪري پر نه کنڀيو ويندو، نه گرفتار ٿيندو، ڇو ته هو اڳوڻي چيف آف آرمي اسٽاف جو پوٽو آهي. ڳالهه اتي اچي بيهي ٿي ته پنهنجا پنهنجا هوندا آهن، پراوا پراوا هوندا آهن. حبيب اڪرم ۽ ڪاشف عباسي سان اها زيادتي ڪئي وئي آهي. پاليسي ميڪرن کي ان تي سوچڻ گهرجي. ان کي ٻٽو معيار سمجهي سگهجي ٿو.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 01 مارچ 2025ع تي شايع ٿيو