ڪراچي: شهري تي تشدد ڪندڙ 7 سڪيورٽي گارڊ گرفتار، مک جوابدار بلوچستان فرار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي بوٽ بيسن ۾ جهيڙي دوران شهري تي تشدد ڪندڙ ستن سڪيورٽي گارڊن کي پوليس گرفتار ڪري جديد هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن.
ڊي آءِ جي ڏکڻ زون اسد رضا جو چوڻ آهي ته بوٽ بيسن واري علائقي ۾ جهيڙي واري معاملي ۾ ڏکڻ پوليس فوري ڪارروائي ڪندي رات دير سان ٻن مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي ستن خانگي سڪيورٽي گارڊن کي گرفتار ڪري ورتو.
هن چيو ته گرفتار گارڊن وٽان جديد هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن، هٿ آيل هٿيارن جي جاچ ڪئي پئي وڃي ته اهي لائسنس وارا آهن يا بنا لائسنس وارا آهن.
ڊي آءِ جي ڏکڻ زون چيو ته گرفتار گارڊن مان چئن جي غوث بخش، جلاد خان، علي زين ۽ حسن طور سڃاڻپ ٿي آهي، گرفتار گارڊ شاهزين مري جا ذاتي محافظ آهن.
اسد رضا چيو ته مک جوابدارشاهزين مري پنهنجي گارڊن سان گڏجي هڪ شهري تي تشدد ڪيو ۽ واقعي بعد بلوچستان فرار ٿي ويو.
ڊي آءِ جي ڏکڻ زون اسد رضا چيو ته پوليس شاهزين مري جي گرفتاري لاءِ بلوچستان حڪومت سان رابطو ڪيو آهي، جڏهن ته واقعي ۾ ملوث ٻين ماڻهن جي گرفتاري لاءِ به ڪارروايون جاري آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.