ڪراچي کان سوات ويندڙ مسافر بس کاهي ۾ ڪِري پئي، 8 ڄڻا اجل جو شڪار

چڪوال (ويب ڊيسڪ) موٽروي نيلا انٽرچينج ويجهو هڪ مسافر بس کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا فوت ۽ 18 مسافر زخمي ٿيي پيا.
موٽروي پوليس ترجمان موجب، حادثو موٽروي نيلا انٽرچينج جي ويجهو پيش آيو، جتي هڪ بس جيڪا ڪراچي کان سوات وڃي رهي هئي، کاهي ۾ ڪري پئي، بس ۾ اٽڪل 50 مسافر سوار هئا.
ترجمان موجب، حادثي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو.
ترجمان جو چوڻ هو ته زخمين مان 3 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جڏهن ته زخمين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.