ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر سستو، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايل پي جي جي گهريلو سلينڊر جي قيمت ۾ لاٿ ڪئي وئي آهي.
آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر 72 رپيا 57 پئسا سستو ڪيو ويو آهي.
اوگرا موجب، ايل پي جي جي نئين قيمت پهرين مارچ کان لاڳو هوندي.
نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 11.8 ڪلوگرام جي سلينڊر جي نئين قيمت 2924 رپيا 31 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي،
نوٽيفڪيشن موجب، ايل پي جي جي في ڪلو قيمت 6 رپيا 15 پئسا لاٿ بعد 247 رپيا 82 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.