اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد ۾ مخالف ڌر جي اتحاد تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي قومي اتحاد ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته موجوده پارليامينٽ جي وجود جي ڪا به اخلاقي، سياسي ۽ قانوني حيثيت ناهي، جڏهن ته اسين پيڪا سميت آئين جي روح جي خلاف ٿيل سمورين ترميمن کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا، ڪانفرنس ۾ ملڪ جي بگڙجندڙ حالتن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ۽ 2 ڏينهن جي بحث کانپوءِ ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ تجويزون ڏنيون ويون، ملڪ جي مسئلن جو حل آئين جي بالادستي ۽ قانون جي بالادستي ۾ ئي آهي، 8 فيبروري 2024ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جا نتيجا ملڪ جي موجوده سياسي، معاشي ۽ سماجي بحران جا ذميوار آهن، موجوده پارليامينٽ جي وجود جي ڪا به اخلاقي، سياسي يا قانوني حيثيت ناهي، اسان مطالبو ٿا ڪريون ته آئين جي روح خلاف ٿيل سموريون ترميمون ختم ڪيون وڃن، آئيني انساني حقن جي پامالي ملڪ ۾ قانون جي بالادستي جي مڪمل نفي ۽ هن غير نمائنده حڪومت جي ظلم جو واضح ثبوت آهي، اسان جو آئين ڪنهن به پاڪستاني شهري کي سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ تي تنگ ڪرڻ، گرفتار ڪرڻ يا قيد ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي ۽ سمورن سياسي قيدين کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي، اسان مطالبو ٿا ڪريون ته عوام ۽ ميڊيا کي خاموش ڪرڻ لاءِ پيڪا قانون ۾ ڪيل ترميمن کي رد ڪيو وڃي، بلوچستان، خيبرپختونخواهه، پنجاب ۽ سنڌ جي ماڻهن جا خدشا ختم ڪري، خاص ڪري پاڻي جي وسيلن جي ورڇ 1991ع ٺاهه موجب ٿيڻ گهرجي، ملڪ جي موجوده بحران جو واحد حل آزادانه، شفاف ۽ منصفاڻيون چونڊون ڪرائڻ آهي، پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته مخالف ڌر جون سموريون سياسي پارٽيون ۽ ٻيا شرڪت ڪندڙ هڪ نقطي تي مڪمل طور تي متفق آهن ۽ اهو آهي ته اسان جو پيارو ملڪ آئين جي بالادستي ۽ ان جي تقدس جي تحفظ ۽ قابل اعتماد انصاف واري نظام جي غير موجودگي ۾ قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائڻ کان سواءِ اڳتي نٿو وڌي سگهي، ان کان اڳ ڪالهه صبح جو ڪانفرنس کي روڪڻ لاءِ هوٽل ٻاهران پوليس ۽ ايف سي جي نفري مقرري ڪئي وئي، انتظاميا هوٽل کي تالا هڻي بند ڪري ڇڏيو، شاهد خاقان عباسي پهتو ته پوليس روڪي ورتو، پوليس چيو ته هتي ڪنهن به قسم جي ڪانفرنس جي اجازت ناهي، اجازت نه ملڻ باوجود اپوزيشن پارٽين جا ڪجهه اڳواڻ گيٽ ٽپي هوٽل ۾ داخل ٿيا ۽ اندران مک دروازو کوليو، جنهن بعد سڀ ماڻهو هوٽل ۾ داخل ٿي ويا، ان موقعي تي شاهد خاقان عباسي چيو ته ماضي ۾ اهو سڀ ڪجهه عمران خان ڪندو هو، ان وقت موجوده حڪومت جي ڪهڙي راءِ هئي ۽ هاڻي ڪهڙي آهي؟ فارم 47 جي حڪومت ملڪ ۾ آئين ۽ قانون کي مذاق بڻائي ڇڏيو آهي، ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو ته اسان آئين پاڪستان ۽ قانون جي بالادستي لاءِ بيٺا آهيون، ملڪ هن وقت ترقي نه پيو ڪري، جڏهن ته هن حڪومت وٽ عوام جو مينڊيٽ ناهي، 60 صفحن تي اشتهار ڇپجڻ سان ملڪ ترقي نه ڪندو، اڳوڻي سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته حڪمران جمهوريت جون ڳالهيون ته ڪن ٿا پر اپوزيشن جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن، مفتاح اسماعيل چيو ته جڏهن ووٽ کي عزت ڏيڻ جو نعرو لڳندو هو، تڏهن اسان گڏ بيٺا هئاسين، پر هاڻ توهان ڊڄي رهيا آهيو، جيڪڏهن ايمانداري سان اچو ها ته ڊڄو نه ها، سلمان اڪرم راجا چيو ته هي سياست ناهي، شرافت جي ڳالهه آهي، 8 فيبروري تي عوام جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو، اسان به محب وطن آهيون، ايئن حڪومت نٿي هلي سگهي، محمود خان اچڪزئي چيو ته اسان کي سڪيورٽي فورسز کي ان فريم ۾ آڻڻو پوندو، جيئن سڄي دنيا جون فوجون آهن، جن اسان جي ٻارن کي ماريو انهن سان نه ويهنداسين، پي ٽي آءِ جي باني کي پيغام ڏيان ٿو ته هو فارم 47 واري اسيمبليءَ ۾ نه ويهن، اسد قيصر کي اسپيڪر بڻائي پنهنجي اسيمبلي ٺاهينداسين، جيڪڏهن انهن اسان جي رڪنيت ختم ڪئي ته عدالتن ۾ وينداسين، قومي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ گذريل ٻن سالن کان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو سڀ ڪجهه ڏسي رهي آهي، اڄ اسان کي سڀ ڪجهه وساري مستقبل جو پلان تيار ڪرڻو آهي، آئين ۾ اهو ضرور لکيل آهي ته مدو پنج سال هوندو، پر اهو به لکيل آهي ته ملڪي حالتن کي نظر ۾ رکندي ٻيهر چونڊون ڪرايون وڃن، هن چيو ته اسان جو مولانا فضل الرحمان سان 26 هين ترميم جي حوالي سان ڪوبه اتفاق نه ٿيو هو، مولانا چيو ته ڪجهه مجبوريون آهن، 26 هين ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏيندس، جماعت اسلامي جي اڳواڻ لياقت بلوچ چيو ته اسان کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته آئين کي پوري قوت سان برقرار رکڻو پوندو، عدالتن جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي، جمهوري قوت کي اسٽيبلشمينٽ جو اوزار ٿيڻ کان انڪار ڪرڻ گهرجي، مهتاب عباسي چيو ته اسان هڪ اهڙو ملڪ چاهيون ٿا جنهن ۾ عدليه ۾ ڪو به من پسند جج نه هجي، ڪامران مرتضيٰ چيو ته اسان جي صوبي مان ماڻهو کنڀيا پيا وڃن، اڄ جڏهن ٻين صوبن سان زيادتي ٿي آهي تڏهن بلوچستان ياد آيو آهي، هر روز مداخلت وڌي رهي آهي.