ميرپورخاص(م ڊ ) ميرپور خاص سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر نرملا دعويٰ ڪئي آهي ته سندس ڀاءُ پرڪاش مذهبي رسمون ادا ڪرڻ لاءِ ڀارت وڃڻ دوران لاهور جي واگها بارڊر وٽان پراسرار طور گم ٿي ويو آهي، ڊاڪٽر نرملا پنجاب پوليس وٽ شڪايت داخل ڪرائي آهي ته سندس ڀاءُ کي نامعلوم ماڻهن ان وقت گم ڪيو جڏهن هو لاهور جي واگها بارڊر ذريعي مذهبي رسمن ۾ شرڪت لاءِ ڀارت وڃي رهيو هو، ڊاڪٽر نرملا پنهنجي ڀاءُ جي بازيابي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست پڻ داخل ڪئي آهي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته اختيارين کي حڪم جاري ڪيو وڃي ته سندس ڀاءُ پرڪاش کي بازياب ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.