پنجاب ۾ ٻئي ڏينهن به اربين رپين جا اشتهار،صحافت جو جنازو نڪري ويو

اسلام آباد/لاهور(م ڊ)مريم نواز هڪ ڀيرو ٻيهر سوشل ميڊيا تي ان وقت بحث جو موضوع بڻجي وئي جڏهن پنجاب حڪومت جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪستان جي مختلف اخبارن جي فرنٽ پيج تي هڪ اشتهار شايع ٿيو، جنهن ۾ خبر نه هئي پر رڳو مريم نواز جا بيان ۽ منصوبن جا  اعلان هئا.مشهور پاڪستاني اداڪار، ڪاميڊين ۽ ميزبان شفاعت علي لکيو آهي ته ڇا اشتهار کي خبر طور ڇپائڻ جعلي خبر پکيڙڻ برابر ناهي؟ اڄ جن اخبارن ۾ اهو اشتهار فرنٽ پيج تي ڇپيو آهي، انهن کي ائين نٿو لڳي؟هڪ صارف تبصرو ڪيو ته هي اخبار نه آهي، پورو اشتهار آهي،صحافت تي ڪهڙو زوال آهي؟صحافي نجم ولي لکيو ته دلچسپ آئيڊيا آهي ته اڄ پي ٽي آءِ ۽ پ پ جا حامي به سڄي ملڪ ۾ جيڪا اخبار کڻندا،وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جا ئي ڪارناما پڙهندا،ارم زعيم لکيو ته انهن عقل کان عاري ماڻهن کي ٻڌايو ته جڏهن ترقي ٿيندي آهي ته ڏسڻ ۾ ايندي آهي،ان لاءِ اشتهارن ۽ ميڊيا مئنيجمينٽ ناهي ڪرڻي پوندي،پي ٽي آءِ اڳواڻ مسرت چيما چيو ته ڪجهه پئسا اضافي ڪمائڻ لاءِ اشتهارن کي خبرن وانگر ڇاپيو ويندو آهي ۽ پوءِ حيران ٿي پڇندا آهن ته هاڻي عوام اخبار ڇو نٿو پڙهي،رضوان غلزئي لکيو ته عوام وڌيڪ ٽيڪس ڏئي ته انهن جي پئسن سان ميڊيا مالڪن کي اربين رپين جا اشتهار ڏئي سڀ سٺو ڏيکاريو وڃي،شاڪر محمود اعواڻ لکيو ته صحافت وڪري لاءِ موجود آهي،صحافت جو جنازو ٻئي پاسي بي بي سي سان ڳالهائيندي پي ايف يو جي جي اڳوڻي عهديدار فوزيه شاهد چيو ته ان قسم جي تشهيري مهم تي صحافتي تنظيمن کي سخت موقف اختيار ڪرڻ گهرجي،اها ڳالهه مذمت جوڳي آهي ته توهان پڙهندڙ کي گمراهه ڪري رهيا آهيو،سڀ کان وڌيڪ فيڪ نيوز ئي سرڪار پاران اينديون آهن،ان حوالي سان پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو ته مون کي ان تنقيد سان فرق نٿو پوي،مخالف پارٽي جا ماڻهو انهن اشتهارن تي تنقيد ڪري رهيا اهن،بي بي سي موجب ان خبر نما اشتهار تي شروع ٿيندڙ تنقيد جو سلسلو اڃا تائين بيٺو ناهي بلڪه ان تي بحث جو سلسلو ٻئي ڏينهن به جاري آهي جڏهن ڪيترين ئي اردو ۽ انگريزي اخبارن 60 صفحن جا سپليمينٽ شايع ڪياپنجاب حڪومت جي اها اشتهاري مهم پڙهندڙن جي کيسن تي به ڳري پئجي رهي آهي،صحافي زاهد گشڪوري چيو ته اهو پيڪا قانون 2025ع تحت هڪ فٽ ڪيس وانگر لڳي ٿو،اها مجرماڻي غفلت،نااهلي،وڏي پئماني تي عوام کي گمراهه ڪرڻ، حقيقتن خلاف ۽ غلط اشتهار آهن جيڪي ميڊيا اخلاقيات جي ڀڃڪڙي جو سنگين معاملو ظاهر ڪري رهيا آهن،صحافي جاويد چوڌري چيو ته مريم نواز ڀلي سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي هجي پر ان جو اهو مطلب ناهي ته 60-60 صفحن جا اشتهار جاري ڪري خزاني جا اربين رپيا ضايع ڪجن

اخبارون 60-60 صفحن جي اشتهارن ۾ وڪامجنديون ته پوءِ ڪهڙي صحافت جي آزادي:عاصمه شيرازي

اسلام آباد(م ڊ)سينئر صحافي اعزاز سيد چيو آهي ته سياسي جماعتن کي جڏهن اسٽبيبلشمينٽ جي ”مهربانين“ سان اقتدار ملندو آهي ته اهي وساري ويهنديون آهن ته انهن به ڪڏهن عوامي حقن لاءِ ان قسم جي هالن ۾ اهڙا پروگرام منعقد ڪيا هئا،اپوزيشن جي وڏي جماعت سان اڄڪلهه گهڻي زيادتي ٿي رهي آهي،پي ٽي آءِ لاءِ زمين تنگ ڪئي وئي آهي،اسلام آباد ۾ قومي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ماڻهو فوج ۽ ايجنسين مان خوش ناهن اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته پيڪا قانون جڏهن اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ ويو ته ان جو ميمبر ته پي ٽي آءِ اڳواڻ  به آهي،هن چيو ته سويلين بالادستي جي ڳالهه ڪري خط وري آرمي چيف کي لکيو وڃي ٿو،پي ٽي آءِ سياستدانن سان گڏ ڇو نٿي ويهي؟اسد طور چيو ته اسان رياست کي ڪارا قانون ڏئي وڌيڪ هٿياربند ڪري رهيا آهيون،جڏهن پي ٽي آءِ حڪومت ۾ هئي تڏهن  به قانونن جو غلط استعمال ٿيندو هو،رياست هڪ آهي پر مهرا تبديل ٿيندا رهندا آهن،هن چيو ته جيڪي صحافي رياست جو بيانيو پڙهن ٿا انهن کي پي ٽي وي ۾ به نوڪري ملي وڃي ٿي،اينڪرن کي ٽي وي شو دوران باوردي آفيسرن جا فون اچي وڃن ٿا،ڪاشف عباسي ٻڌائي ته هن کي آف ايئر ن ليگ ڪرايو يا ڪنهن اداري ڪرايو؟انهن جو نالو وٺڻ لاءِ ڪير به تيار ناهي هوندو،اسان جا گهڻا ساٿي اداري سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن،اڄ جن تي فيڪ نيوز جو الزام لڳي ٿو ڇا اهي ماضي ۾ ادارن جي آفيسرن سان گڏ تصويرون نه ڪڍرائيندا هئا؟بي اختيار وزيراعظم،چيف جسٽس،آئيني بئنچ جي سربراهه تي تنقيد سان ڇا ملندو؟جيڪي اصل هٿ آهن انهن جو نالو کڻڻو پوندو،صحافي ۽ اينڪر عاصمه شيرازي چيو ته پيڪا جو ڪارو قانون سڀ کان پهرين ن ليگ متعارف ڪرايو،بلاول اسان جي احتجاجي ڪئمپ اچي اهو قانون رد ڪرائڻ جو اعلان ڪيو پر جڏهن اقتدار ۾ آيا ته اهو قانون پاس ڪري ويٺا پوءِ اڄ ۽ ڪالهوڪي ڏينهن وارا اشتهار ته توهان ڏسي ورتا هوندا،60-60 صفحن جون اخبارون جڏهن ان طرح جي اشتهار ۾ وڪامجي وينديون ته پوءِ ٻڌايو ته ڪهڙي صحافت آزادي پئي گهري؟ڪهڙي صحافت اها چوندي ته اشتهار به وٺان ۽ پيڪا قانون خلاف به بيهي رهان؟سڀ کان وڏي بدديانتي اها آهي ته انهن اشتهارن کي توهان خبر جي صورت ۾ ڇاپيو،اسان اڳ ۾ اهڙي صحافت نه ڏٺي،انهن اخبارن به ڳالهائڻ گهرجي جيڪي ان طرح جا اشتهار ڇاپين ٿيون،صحافت جو جنازو آهي ٿورو ڌوم سان نڪري

سنڌ ۽ پنجاب ۾حڪومتن جي ڪارڪردگي ڊرامي بازي تائين آهي:بئريسٽر سيف

پشاور ( م ڊ )خيبرپختونخواهه جي سڌ سماءَ واري صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته سنڌ ۽ پنجاب جي صوبائي  حڪومتن جي ڪارڪردگي کي عوام ڏسي رهيو آهي، محسوس نه ٿو ڪري، پنهنجي بيان ۾ بئريسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ اڻ چونڊيل حڪومتن جي ڪارڪردگي ڊرامي بازي تائين محدود آهي،هن وڌيڪ چيو آهي ته اها ڪهڙي ڪارڪردگي آهي جنهن جو اشتهار ڏنو پيو وڃي، ڇا پنجاب ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري ختم ٿي وئي آهي؟، بئريسٽر سيف جو چوڻ آهي ته اهي ڪردار عوام جي ليڊر ٿيڻ جي خواهش ۾ مذاق بڻجي ويا آهن.

اربين رپين جي اشتهارن تي توهين عدالت لڳي سگهي ٿي:فيصل واوڊا

اسلام آباد(م ڊ) سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته سمورا سياستدان ڪمپرومائزڊ آهن اهي اندرين  طور فوج جا پير پڪڙين ٿا ۽ ٻاهر اچي تنقيد ڪن ٿا ٻاهر جمهوريت جو نعرو هڻن ٿا پر اربين رپين جي ڪرپشن ڪري وري فوج کي چون ٿا ته اسمگلنگ روڪيو،ٻاهرين ملڪن مان پئسا آڻيو،پيڪا قانون جي حمايت به ڪن ٿا ۽ ٻاهر اچي مخالفت به ڪن ٿا، پنجاب حڪومت پاران اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ اربين رپين جا اشتهار ۽ ڪي پي حڪومت پاران به اشتهار هلائڻ واري سوال تي هن چيو ته ڪارڪردگي رڳو اشتهارن ۾ آهي،ميدان تي ته زيرو شئي نظر اچي رهي آهي،پنجاب ۽ ڪي پي حڪومتون اشتهارن ۾ چيمپئن آهن،ميدان تي انهن جي ڪا به حقيقت ناهي،انهن ئي پئسن مان اهي يتيم خانا،بيواهن جي مدد ڪري پئي سگهجي،ڪروڙين اربين رپيا انهن ٻوڙي ڇڏيا ان معاملي تي سپريم ڪورٽ پاران توهين عدالت جي ڪارروائي ٿي سگهي ٿي ڇو ته اشتهارن ۾ تصويرون لڳائڻ جي پابندي آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.