ملڪ عالمي چنگل ۾ ڦاٿل آهي،غيرجمهوري قوتون ٿاڦيل آهن:ساڃاهه وند

ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان جو عوام جنهن معاشي سماجي بحران جي سبب غربت، بيروزگاري، ۽ مهانگائي جي چڪي ۾ پيڙجي رهيو آهي، انهن حالتن کي بدلائڻ لاء ڪامريڊ امام علي نازش ۽ ڊاڪٽر اعزاز  نذير جي اختيار ڪيل رستي تي هلي ئي جان ڇڏائي سگهجي ٿي. اهي ڳالهيون ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان طرفان پنهنجي اڳواڻن جي ياد ۾ ڪراچي پريس ڪلب ۾ رکيل پروگرام ۾ خطاب ڪندي چيون، پروگرام ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي، سنڌ جي سيڪريٽري ڪامريڊ اقبال، ڪراچي ڪميٽي جي سيڪريٽري ڪلثوم جمال، حسين فاطمي، صحافي سهيل سانگي، مزدور اڳواڻ منظور رضي، پروفيسر توصيف احمد، عوامي حقوق جي اڳواڻ خالق زردان، شفيع ۽ ٻين خطاب ڪيو، اڳواڻن خطاب ۾ چيو ته پاڪستان جي حڪمران اشرافيا غير جمهوري طريقي سان ملڪ تي مسلط آهي انهن کي عوام جي مسئلن جي ڪا به پرواهه ناهي،  انهن غير جمهوري قوتن عوام جا حق غصب ڪيا آهن، انهن تي جيڪڏهن ڪا جدوجهد ٿيندي آهي ته جبري گم ڪيو ويندو آهي، جلسن جلوسن تي پوليس ۽ رياستي ادارن جي ذريعي تشدد ڪيو وڃي ٿو، پيڪا قانون وسيلي راء جي اظھار تي به پابندي وڌي وئي آھي. ملڪ عالمي مالياتي سامراجي ادارن جي چنگل ۾ ڦاسي چڪو آهي، ھر ايندڙ ڏينهن پنهنجي پگهارن ۽ مراعتن ۾ اضافو ڪري رهيا آهن، هو ملڪي وسيلن کي ته لٽي رهيا آهن پر اربين ڊالر جو ملڪ تي قرض جو بار وجهي ڇڏيو اٿن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.