ڪراچي (ويب ڊيسڪ) 2025 جو پهرين مڪمل چنڊ گرهڻ 14 مارچ تي ٿيندي، جنهن دوران آسمان تي چنڊ ڳاڙهي روشني سان جڳمڳائيندو.
ماهرن موجب، 14 مارچ تي ٿيندڙ چنڊ گرهڻ حقيقت ۾ ”بلڊ مون“ هوندي، جيڪا تڏهن ٿيندي آهي جڏهن ڌرتي، سج ۽ چنڊ جي وچ ۾ اچي ويندي آهي.
ان دوران چنڊ، ڌرتي جي پاڇي واري سڀ کان اونداهي حصي مان گذرندو، جنهن سبب سج جي روشني سڌيءَ ريت چنڊ تائين نه پهچي سگهندي.
سج جي روشني جڏهن زميني فضا مان گذرندي آهي ته نيري روشني جي ڀيٽ ۾ ڳاڙهي روشني وڌيڪ مڙي چنڊ تائين پهچندي آهي، جنهن سبب گرهڻ لڳڻ تي چنڊ ڳاڙهو نظر ايندو آهي انهيءَ ڪري ئي ان کي بلد مون چيو ويندو آهي.
هي مڪمل چنڊ گرهڻ اٽڪل ٽن سالن کان پوءِ پهريون ڀيرو ڏسڻ ۾ ايندي، آخري ڀيرو اهڙو نظارو 2022 ۾ ڏٺو ويو هو.
بدقسمتيءَ سان پاڪستان ۾ گرهڻ نظر نه ايندي، ڇو ته هي نظارو اتر ۽ ڏکڻ آمريڪا ۾ ڏسي سگهبو.
پاڪستاني وقت موجب، چنڊ گرهڻ جي شروعات صبح 8 لڳي 57 منٽن تي ٿيندي، جڏهن ته مڪمل گرهڻ 11 لڳي 58 منٽن تي ٿيندي ۽ پڄاڻي 3 وڳي ٿيندي.
جيئن ته پاڪستان ۾ اهو نظارو اکين سان ڏسڻ ممڪن نه هوندو، پر سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي لائيو اسٽريم ذريعي ان جو مشاهدو ڪري سگهجي ٿو.
You might also like