بلاول پاران تڪراري پيڪا قانون جي حمايت، 26 هين آئيني ترميم ڪمپرومائزڊ قرار

لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 26 هين آئيني ترميم پنهنجي اصل صورت ۾ نه پر هڪ ڪمپرومائزڊ شڪل ۾ منظور ڪئي وئي، جڏهن ته پيپلز پارٽي پيڪا قانون ۾ به ڪيتريون ئي ترميمون ڪرايون آهن.
آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري وضاحت ڪئي ته تڪراري پيڪا قانون ان شڪل ۾ منظور نه ٿيو، جيئن شروعاتي طور تي تجويز ڪيو ويو هو.
هن چيو ته ان قانون جي ابتدائي صورت ۾ هڪ سوشل ميڊيا پوسٽ تي 30 سال قيد جي سزا به شامل هئي، پر پيپلز پارٽي ان قانون جي ترميمي مرحلي ۾ شامل رهي ۽ اهم ترميمون ڪرايون.
بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي 26 هين آئيني ترميم جي منظوري سان جمهوريت کي ڪمزور نه ڪيو، پر حقيقت اها آهي ته پاڪستان ۾ جمهوريت اڳ ئي مستحڪم ناهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان اهو اڪيلو ملڪ ناهي، جيڪو جمهوريت جي عدم استحڪام کي منهن ڏئي رهيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي 26 هين آئيني ترميم جي منظوري ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪيو، پر اها ترميم اصل شڪل نه هڪ ڪمپرومائزڊ شڪل ۾ منظور ٿي آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.