واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ غزه تي قبضي کانپوءِ جي منظرڪشي بابت هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالاجي( آءِ اي ) طرفان تيار ڪيل وڊيو جاري ڪئي، جيڪا بحث جو موضوع بڻجي وئي آهي.
ٽرمپ طرفان اها وڊيو سندس سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ٽرٿ سوشل“ تي شيئر ڪئي وئي، جنهن ۾ موجوده غزه کي هڪ نئين شڪل ۾ ڏيکاريو ويو آهي.
وڊيو ۾ غار مان ٻارن کي نڪرندي ۽ غزه جي سمنڊ ڪناري ڏانهن ويندي ڏيکاريو ويو آهي، جتي ٽرمپ کي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سان گڏ تفريح ڪندي ڏيکاريو ويو آهي.
وڊيو ۾ غزه ۾ ٽرمپ جو هڪ وڏو مجسمو لڳل ڏيکاريو ويو آهي، جڏهن ته مختلف هنڌن جا نالا به ٽرمپ سان منسوب ڪري پيش ڪيا ويا آهن.
ان کانسواءِ وڊيو ۾ ٽيسلا جي سربراهه ۽ ٽرمپ حڪومت ۾ ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ واري کاتي جي سربراهه ايلون مسڪ کي به ڪجهه کائيندي ڏيکاريو ويو آهي.
وڊيو جي آخري حصي ۾ غزه جي ساحل تي آمريڪي ڊالرن جي برسات پڻ ڏيکاري وئي آهي، جيڪا وڊيو جي تڪراري هجڻ جو بنيادي سبب بڻجي رهي آهي.
هن وڊيو تي سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل سامهون آيو آهي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن ان کي غيرذميواراڻو ۽ حساس معاملي تي غيرسنجيدگي قرار ڏنو آهي.
You might also like