پيءُ جو ڌيءُ جي ياد ۾ ڪينسر اسپتال لاءِ ٻه کرب 28 ارب رپيا عطيو ڪرڻ جو اعلان

دبئي (ويب ڊيسڪ) دبئي جي هڪ واپاري پنهنجي نياڻي جي ياد ۾ ٽي ارب درهم (اٽڪل ٻه کرب 28 ارب 30 ڪروڙ پاڪستاني رپيا) عطيو ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جيڪو گڏيل عرب امارتن جي نجي شعبي طرفان انسانيت لاءِ هنيئر تائين جي سڀ کان وڏي انفرادي امداد قرار ڏنو پيو وڃي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، اعلانيل عطيو گڏيل عرب امارتن ۾ نجي شعبي طرفان انسانيت لاءِ هنيئر تائين جي سڀ کان وڏي انفرادي امداد آهي.
عزيزي گروپ جي باني ۽ چيئرمين مرويس عزيزي اِهو عطيو پنهنجي نياڻي فرشته عزيزيءَ جي ياد ۾ ڏنو جيڪا ڪئنسر وگهي لاڏاڻو ڪري وئي هئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اِهو فنڊ دبئي ۾ هڪ غير منافعي بخش اسپتال جي اڏاوت لاءِ استعمال ٿيندو جيڪا ڪئنسر جي مريضن کي مفت ۽ سستي طبي سهولتون فراهم ڪندي.
اسپتال جو اڏاوتي ڪم هلندڙ سال شروع ٿيندو ۽ اهڙي قسم جون اسپتالون دنيا جي ٻين ملڪن ۾ پڻ تعمير ڪيون وينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.