حڪومت جو 300 يونٽ وارن واهپيدارن لاءِ رليف جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت زرعي ٽيوب ويل واهپيدارن ۽ 300 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدارن لاءِ وڏي رليف جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پاور ڊويزن موجب، 300 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدارن ۽ زرعي ٽيوب ويلز لاءِ ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ مد ۾ رعايت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته جون 2015 کان 300 يونٽ تائين بجلي واهپيدارن لاءِ فيول ايڊجسٽمينٽ ۾ رعايت روڪي وئي هئي، جڏهن ته زرعي ٽيوب ويلز لاءِ اها رعايت ڊسمبر 2010 ۾ ختم ڪئي وئي هئي.
پاور ڊويزن جو چوڻ آهي ته نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) کي ٻنهي درجن جي واهپيدارن لاءِ فيول ايڊجسٽمينٽ ۾ لاٿ جو فائدو ڏيڻ بابت خط موڪليو ويو آهي.
انهيءَ فيصلي سان زرعي ٽيوب ويل مالڪن ۽ 300 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدارن جي ماهوار بلن ۾ وڌيڪ گهٽتائي ايندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.