چيمپيئنز ٽرافي:ابراهيم زادران جي تاريخي اننگز، انگلينڊ کي کٽڻ لاءِ 327 رنسن جو هدف

لاهور (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي اهم مقابلي ۾ افغانستان انگلينڊ کي کٽڻ لاءِ 327 رنسن جو وڏو هدف ڏئي ڇڏيو.
لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ افغان ڪپتان حشمت الله شاهدي ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ پهريان کيڏندي مقرر اوورن ست وڪيٽن جي نقصان تي 326 رنسون ٺاهيو.
انگلينڊ نئين بال سان بهترين شروعات ڪئي ۽ جارحاڻي بالنگ ڪندي افغانستان کي 37 رنسن تي 3 وڪيٽن کان محروم ڪري ڇڏيو.
ان کانپوءِ ابراهيم زدران ۽ حشمت الله شاهدي وچ ۾ 103 رنسن جي ڀائيواري افغانستان کي ٻيهر مقابلي جي پوزيشن ۾ آڻي ڇڏيو.
ابراهيم زدران 146 بالن تي شاندار 177 رنسون اسڪور ڪيون، جيڪو چيمپيئنز ٽرافي جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو انفرادي اسڪور پڻ آهي. سندس اننگز ۾ 12 چوڪا ۽ 6 ڇڪا شامل هئا.
ان کانسواءِ عظمت الله عمرزئي 41، جڏهن ته حشمت الله شاهدي ۽ محمد نبي 40-40 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
انگلينڊ طرفان جوفرا آرچر 3 ۽ ليام ليونگسٽن 2 وڪيٽون ورتيون.
ميچ دوران انگلينڊ جي فيلڊنگ غيرمعياري نظر آئي، خاص طور تي آخري ڏهن اوورن ۾ سندن بالنگ مڪمل طور تي بي اثر رهي، جنهن دوران افغانستان 113 رنسون جوڙيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.