وزيراعظم شهباز شريف ٻن ڏينهن جي دوري تي تاشقند پهچي ويو

تاشقند (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف ازبڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي گادي واري هنڌ تاشقند پهچي ويو. ازبڪ وزيراعظم، پرڏيهي وزير ۽ تاشقند جي ميئر وزيراعظم شهباز شريف جي آجيان ڪئي. تاشقند پهچڻ کان پوءِ، وزيراعظم آزادي جي يادگار جو دورو ڪيو، گل رکيا، عظيم تاريخي شخصيتن کي ڀيٽا پيش ڪئي، ۽ ازبڪ عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار  ڪيو. دوري دوران شهباز شريف ازبڪ صدر ۽ وزيراعظم سان ملاقات ڪندو ۽ پاڪ-ازبڪستان بزنس فورم کي به خطاب ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.