سنڌ ۾ رمضان المبارڪ سبب ميٽرڪ ۽ انٽر جي امتحانن جي تاريخ تبديل

ڪراچي (رپورٽر )رمضان المبارڪ سبب سنڌ ۾ ميٽرڪ جي امتحانن جي تاريخ ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي، نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا امتحان هاڻي عيد الفطر کانپوءِ ورتا ويندا، سنڌ جي تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي اجلاس ۾ ميٽرڪ جا امتحان ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو،نئين شيڊيول موجب 16 مارچ تي شروع ٿيندڙ امتحان هاڻ 7 اپريل کان شروع ٿيندا، جڏهن ته نائين ڏهين جا پريڪٽيڪل 10 مارچ کان ٿيندا، فرسٽ ايئر ۽ سيڪنڊ ايئر جا امتحان 28 اپريل کان ٿيندا،ذريعن جو چوڻ آهي ته تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي ميٽرڪ جا امتحان ملتوي ڪرڻ جو فيصلو رمضان المبارڪ سبب ڪيو آهي، صوبائي وزير تعليم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ 5 هزار مسلسل غير حاضر استادن کي برطرف ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

  1. بلديا فيڪٽري ڪيس جي جوابدار حماد صديقي لاءِ انٽرپول سان رابطو ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ قتل جي ڪيس ۾ دبئي فرار ٿي ويل شڪي تقي حيدر شاھه جي پاڪستان حوالي ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ۾ گهرو ۽ پرڏيهي معاملن واري وزارت جي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي آهي،  عدالت بلديا فيڪٽري ڪيس ۾ روپوش جوابدار  حماد صديقي لاءِ انٽرپول سان رابطو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي،  عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدار  خرم نثار جي حوالي سان ايندڙ ٻڌڻي تي سنڌ جي گهرو کاتي جي فوڪل پرسن کي طلب ڪري ورتوآهي، عدالت درخواست جي ٻڌڻي 22 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت ۾ وفاقي حڪومت جي وڪيل ڊپٽي اٽارني جنرل رپورٽ ۾ چيو ته تقي حيدر، حماد صديقي ۽ خرم نثار روپوش آهن، عدالت ۾ ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته تقي حيدر بابت دستاويز گڏيل عرب امارات موڪليا ويا آهن،  ماهم امجد پنهنجي پيءُ جي مبينا قاتل کي يو اي اي کان پاڪستان جي حوالي ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.