لعلورائنڪ (ن ع آ) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو لعلورائنڪ ڀرسان ڳوٺ غيبياڻي ۾ صحافي محرم چانڊيو جي سئوٽ جي تعزيت تي ڳالهائيندي چيو ته سنڌ اندر هٿ وٺي بدامني جي باھ ڀڙڪائي وئي آهي، ڌاڙيل ڪلچر کي پروموٽ ڪري نوجوانن کي بيروزگاري طرف ڌڪي کين خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪيو ٿو وڃي، پنجاب طرفان سنڌو درياءَ تي نوان ڇھه ڪينال اڏي سنڌ جي زمينن کي بنجر بڻائڻ جي منظم سازش ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته سنڌ جي پارليامينٽ اندر ويٺل سمورا گونگا ٻوڙا آهن ڪراچي ۾ جسقم جي ريلي تي ۽ مورو ۾ پرامن احتجاج تي تشدد ۽ سنيئرسياستدان مرتضيٰ خان جتوئي تي ڪوڙو ڪيس داخل ٿيڻ ۽ قومي ڪارڪن ايڊوڪيٽ عامر عمراڻي جي گمشدگي جي مذمت ڪجي ٿي سنڌ جي آواز کي دٻائي نٿو سگهجي ان موقعي تي مرڪزي اڳواڻ غفار ميرجت ۽ ڊويزن اڳواڻ اياز لولائي موجود هئا.