يمنيِٰ زيدي هڪ ٻيو عالمي اعزاز ماڻي ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽيليويزن انڊسٽري مان فلمي دنيا ۾ قدم رکندڙ يمنيٰ زيدي ڪيترائي اعزاز ماڻي ورتا آهن.
يمنيٰ زيدي پنهنجي ڊيبيو فلم ”ناياب – نام رکنا “۾ شاندار اداڪاري ڪئي، جنهن کي عالمي سطح تي پڻ ساراهيو پيو وڃي.
فلوريڊا ۾ ٿيل ساوٿ ايشيئن انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ به ”ناياب – نام رکنا “کي بهترين فيچر فلم لاءِ چونڊيو ويو، جتي يمنيٰ زيدي کي بهترين اداڪارا جو اعزاز مليو.
ياد رهي ته گذريل سال ”ڪانز فلم فيسٽيول“ ۾ به ان فلم ٻه اعزاز پنهنجي نالي ڪيا هئا.
ناياب فلم 26 جنوري 2024 تي رليز ٿي، جنهن ۾ يمنيٰ زيدي هڪ ڪرڪيٽر جو ڪردار ادا ڪيو.
فلم جي ڪهاڻي هڪ اهڙي ڇوڪريءَ جي چوڌاري ڦري ٿي، جيڪا ڪرڪيٽ کيڏڻ چاهي ٿي پر ان لاءِ کيس ڪيئي سماجي رنڊڪن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.
فلم جي ٻي ڪاسٽ ۾ جاويد شيخ ۽ عدنان صديقي مک ڪردار ادا ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.