آمريڪا سميت پرڏيهي ڀائيوارن سان سهڪار لاءِ تيار آهيون: پيوٽن

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روسي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته آمريڪا سميت پرڏيهي ڀائيوارن سان سهڪار لاءِ تيار آهيون.
هڪ انٽرويو ۾ ولاديمير پيوٽن چيو ته روس معدني وسيلن جي ذخيرن سان مالا مال آهي، اسان کي معدني وسيلن جو وڌيڪ اثرائتو استعمال ڪرڻو پوندو.
هوڏانهن ڪريملن ترجمان چيو ته آمريڪا يوڪرين تڪرار تي متوازن موقف اختيار ڪري رهيو آهي، يوڪرين تڪرار تي آمريڪي موقف جي آجيان ڪيون ٿا، جڏهن ته يورپي اڳواڻن جا بيان متوازن ناهن.
ترجمان موجب آمريڪين کي ناياب معدنيات جي ضرورت آهي، اسان وٽ وڏي مقدر ۾ معدنيات موجود آهي، سهڪار جا وڏا موقعا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.