صحتمند رهڻ چاهيو ٿا ته بصر کائو

بصر هڪ اهڙي سبزي آهي، جيڪا کاڌي کي لذت ڏيڻ سان گڏ صحت کي به بهتر بڻائي ٿي.
بصر ايشيائي کاڌن جو لازمي حصو آهي، جنهن جي بنا کاڌن جي ترڪيب اڻ پوري رهندي آهي پر بصر رڳو ذائقي تائين محدود ناهي، ان ۾ صحت جا خزانا لڪل آهن.
بصر جون ڪجهه خاصيتون ڄاڻيو
بلڊ شگر ڪنٽرول ڪري ٿو
بصر شگر جي مريضن لاءِ بهتر آهي، ڇو ته ان ۾ اهڙا جُزا آهن، جيڪي رت اندر موجود مٺاڻ جي سطح کي ڪنٽرول ڪن ٿا.
جلد جي بهتري
بصر ۾ شامل اينٽي آڪسيڊنٽ جلد تي پوندڙ گهنجن کان بچائيندي تازگي عطا ڪن ٿا ۽ تيزي سان عمر وڌڻ جي اثرن کي روڪين ٿا.
وزن گهٽائڻ ۾ مددگار
بصر گهٽ ڪيلوريز ۽ وڌيڪ فائبر تي ٻڌل سبزي آهي، جيڪا دير تائين پيٽ ڀريل رهڻ جو احساس ڏئي ٿي، اهو ئي سبب آهي ته اها جسم ۾ ڪيلوريز گهٽ ڪري وزن گهٽ ڪرڻ ۾ ڪوشش ۾ توهان جو ساٿ ڏئي ٿي.
هڏ مضبوط بڻائي ٿو
سلفر ۽ ڪيوروسٽين، اهي اهڙا جزا آهن، جيڪي بصر ۾ موجود هوندا آهن ۽ هڏن کي مضبوط بڻائيندا آهن.
دل جي صحت لاءِ بهتر
بصر ۾ موجود سلفر جسم مان ڪوليسٽرول ۽ بلڊ پريشر کي گهٽ ڪري ٿو، جنهن سبب دل جي بيمارين جو خطرو گهٽجي وڃي ٿو.
مدافعتي نظام بهتر بڻائي ٿو
بصر مدافعتي نظام بهتر بڻائيندڙ جزن ۽ وٽامن سي تي ٻڌل آهي، جيڪي جسم کي انفيڪشن ۽ بيمارين کان بچائين ٿا، ان کانسواءِ اهو هاضمي جو نظام بهتر بڻائي ٿو ۽ قبض کان بچائي ٿو.
ڪينسر جو خطرو گهٽائي ٿو
هڪ تحقيق موجب سلفر ۽ اينٽي آڪسيڊنٽ ڪينسر جون خليون بڻجڻ کان روڪين ٿا ۽ بصر ۾ انهن جو وڏو مقدار موجود هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.