وار ڪيتري عرصي کانپوءِ ڪٽرائڻ گهرجن؟ ماهرن جي به ٻڌو

 

وار ڪٽرائڻ سان سدائين محسوس ٿيندو آهي ته اوهان جي شخصيت ۾ نکار اچي ويو هجي يا اها تبديلي هاڪاري محسوس ٿيندي آهي کڻي مرد هجن يا عورتون پر سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڪيتري وقت بعد وار ڪٽرائڻ گهرجن.
اها ته سڀني کي خبر آهي ته ماهرن طرفان هر ڪجهه وقت بعد وار ڪٽرائڻ جي صلاح ڏني ويندي آهي پر هتي اها ڳالهه اهم آهي ته وار ڪٽرائڻ مان مراد مڪمل هيئر ڪٽ ناهي هوندو، اوهان جي وارن جي سٺي صحت لاءِ ٽرم ٿيڻ جي ضرورت هوندي آهي.
اچو ته ڄاڻيون ٿا ته ان حوالي سان ماهر ڇا ٻڌائين ٿا.
عورتن جا وار جيڪڏهن ڊگها آهن ته اهي جيترو وڻي ٽرم يعنيٰ ڪٽرائي سگهن ٿيون، ان سان ٻن منهن وارا وار ٿيڻ کان بچي وينديون پر جيڪڏهن اوهان جا وار وڌيڪ ڊگها نه آهن ته ڪوشش ڪريو ته انهن کي ايترو ڪٽيو جو رڳو ٻن منهن وارا وار ختم ٿين.
وار ڪٽرائڻ جي وقت بابت ماهرن جي راءِ آهي ته 6 کان 8 هفتن بعد وار ڪٽرائڻ لازمي آهي، جڏهن ته مرد به ان ئي وقت ۾ وار ڪٽرائين، يعنيٰ جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته وار صحتمند رهن ۽ انهن جي ڊيگهه به هجي ته ضروري آهي ته انهن کي ڏيڍ ٻن مهينن ۾ لازمي ڪٽرايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.