” هي مون لاءِ حرام آهي“ شاهه رخ خان وياج وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي مشهور پروڊيوسر روي چوپڙا جي گهرواري رينو چوپڙا انڪشاف ڪيو آهي ته شاهه رخ خان 2017ع ۾ رليز ٿيل سندس فلم”اتفاق“ جي تيارين ۾ مالي سهڪار ڪيو هو ۽ پروڊڪشن لاءِ ڏنل رقم تي وياج وٺڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو هو.
هڪ انٽرويو دوران رينو چوپڙا شاهه رخ خان جي واکاڻ ڪندي ٻڌايو ته هن بنا اسڪرپٽ پڙهڻ جي سندس پٽ اڀي چوپڙا جي مالي مدد ڪئي، فلم ۾ اڪشي کنا، سڌارٿ ملهوترا ۽ سوناڪشي سنها مک ڪردار ادا ڪيو هو.
رينو چوپڙا ٻڌايو ته شاهه رخ خان نه فقط فلم تي پئسو لڳايو، پر جڏهن پروڊڪشن لاءِ ڏنل رقم تي وياج وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته وياج جي رقم سندس لاءِ حرام آهي.
سندس چوڻ هو ته شاهه رخ خان کانسواءِ ٻين سڀني سيڙپڪارن وياج ورتو، پر هو ڪنهن به صورت تي راضي نه ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.