واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ٽيسلا جي باني ايلون مسڪ کي ٽڪ ٽاڪر موتمار ڌمڪي ڏئي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب عورت ٽڪ ٽاڪر وڊيو ذريعي ايلون مسڪ کي موتمار ڌمڪي ڏيندي چيو ته اسان کي ايلون مسڪ کي ايڪس ڪرڻ جي ضرورت آهي، ايڪس مان مراد ان کي قتل ڪرڻ جي ضرورت آهي.
گڏوگڏ عورت ٽڪ ٽاڪر فيڊرل بيورو آف انويسٽيگيشن (ايف بي آءِ) کي به چيلينج ڏنو آهي ته همت اٿوَ ته مون کي گرفتار ڪري ڏيکاريو.
عورت ٽڪ ٽاڪر سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل وڊيو ۾ اها دعويٰ به ڪئي ته ايف بي آءِ وٽ ايترو عملو ناهي جو مون کي ڳولي گرفتار ڪري سگهي.
You might also like