ارونا ايراني بئنڪاڪ ۾ حادثي جو شڪار، اسپتال داخل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سينئير اداڪارا ارونا ايراني ٿائيلينڊ جي راڄڌاني بينڪاڪ ۾ ڪِري زخمي ٿي پئي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، 78 ورهين جي اداڪاراٻه هفتا اڳ بينڪاڪ ۾ ڪِري پئي هئي، جتي سندس علاج جاري هو، پر ان بابت وڌيڪ تفصيل ناهن ڄاڻايا ويا.
رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اداڪارا هاڻي بيساکين جي سهاري سان هلي رهي آهي.
اسپتال مان ڊسچارج ٿيڻ کانپوءِ کيس بينڪاڪ کان ممبئي واپس آندو ويو، جتي ايئرپورٽ تي کيس وهيل چيئر تي ٻاهر آندو ويو.
سامهون آيل تصويرن ۽ وڊيوز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته سندس پير تي پلستر لڳل آهي ۽ هٿ ۾ بيساکيون آهن.
رپورٽن موجب، ممبئي ۾ ماهر ڊاڪٽرن جي خاص ٽيم سندس علاج ڪندي، جڏهن ته هوءَ هن وقت سخت تڪليف ۾ مبتلا آهي.
ياد رهي ته ليجنڊري اداڪارا ارونا ايراني 1961ع ۾ فلم ”گنگا جمنا“ کان پنهنجي فني سفر جي شروعات ڪئي هئي.
هن ڀارتي فلم ۽ ٽي وي انڊسٽري ۾ ڪيترين ئي مشهور فلمن ۾ ڪم ڪيو ۽ ڪيترن ئي وڏن اداڪارن سان اسڪرين شيئر ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.