لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ شخص پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي، همراهه طرفان آپگهات جي ڪوشش جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
آصف جاويد نالي شخص جو ڪيس لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس شجاعت علي خان جي عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ هو، آصف جو واسطو خانيوال سان ٻڌايو پيو وڃي، کيس زخمي حالت ۾ فوري طور ريسڪيو ڪري ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
واقعي جي وڊيو ۾ ان شخص کي سڙندي ڏسي سگهجي ٿو، جڏهن ته پوليس اهلڪار ۽ ڪجهه ماڻهو کيس بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
آصف جاويد نالي شخص نوڪري جي برطرفي خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي هئي.
You might also like