ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ نائين ۽ ڏهين درجي جي امتحانن جو شيڊيول تبديل ڪيو ويو.
سنڌ جي تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي اجلاس ۾ ميٽرڪ جا امتحان ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
نئين شيڊيول موجب 16 مارچ تي شروع ٿيندڙ امتحان هاڻ 7 اپريل کان شروع ٿيندا، جڏهن ته نائين ڏهين جا پريڪٽيڪل 10 مارچ کان ٿيندا.
فرسٽ ايئر ۽ سيڪنڊ ايئر جا امتحان 28 اپريل کان ٿيندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي ميٽرڪ جا امتحان ملتوي ڪرڻ جو فيصلو رمضان المبارڪ سبب ڪيو آهي.
You might also like