هڪ ئي وقت لاهور پوليس جا 100 کان وڌيڪ اهلڪار برطرف

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور پوليس ۾ پهريون ڀيرو 100 کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن کي هڪ ئي وقت نوڪري تان برطرف ڪيو ويو.
پوليس موجب برطرف پوليس اهلڪار چيمپيئنز ٽرافي جي سيڪيورٽي ڊيوٽي تان غير حاضر رهيا، جڏهن کين طلب ڪيو ويو ته هنن ڊيوٽي جوائن ڪرڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو.
پوليس اختيارين ٻڌايو ته اهلڪارن کي ڊي آءِ جي آپريشنز جي حڪم تي برطرف ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.