مصطفيٰ عامر قتل ڪيس: جوابدار ارمغان جو رمانڊ نه ڏيندڙ اي ٽي سي جج کان اختيار واپس وٺڻ جي سفارش

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي جوابدار ارمغان جو رمانڊ نه ڏيندڙ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي انتظامي جج کان اختيار واپس وٺڻ جي سفارش ڪري ڇڏي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ظفر راجپوت جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
وقتي پراسيڪيوٽر جنرل موجب، عدالت رڪارڊ ۾ ٽيمپرنگ جي الزامن کانپوءِ جج اختيار واپس وٺڻ جي سفارش ڪئي آهي.
عدالتي حڪم نامي موجب، جاچ آفيسر 10 فيبروري تي منجهند 12 وڳي منتظم جج وٽ جوابدار کي پيش ڪيو، جتي کيس ٽي ڪلاڪ انتظار ڪرايو ويو. جج زباني طور ملزم جي ميڊيڪل معائني جو حڪم ڏنو، جڏهن ته مختصر رمانڊ لاءِ مناسب طريقيڪار موجود هو.
حڪم نامي ۾ ڄاڻايو ويو ته انتظامي جج هٿ سان لکڻ بدران ٽائپ ٿيل حڪم جاري ڪيو، اول جسماني رمانڊ ڏنو ويو، پر بعد ۾ وائٽو لڳائي ان کي جڊيشل ڪسٽڊي ۾ تبديل ڪيو ويو.
قائم مقام پراسيڪيوٽر جنرل ٻڌايو ته رمانڊ دوران جوابدار جو پيءُ جج جي چيمبر ۾ موجود هو.
حڪمنامي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته انتظامي جج کي جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم (جي آءِ ٽي) جوڙڻ جو اختيار نه هو.
هن جو پوليس رمانڊ بدران جڊيشل رمانڊ ڏيڻ جو فيصلو غير قانوني قرار ڏنو ويو، معاملي کي نظر ۾ رکندي جيڪڏهن مناسب سمجهيو وڃي ته انتظامي جج جا اختيار ٻي عدالت حوالي ڪيا وڃن.
جسماني رمانڊ نه ڏيڻ جو معاملو
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مصطفيٰ عامر قتل ڪيس ۾ پراسيڪيوشن جي درخواستن تي گذريل ٻڌڻي دوران اي ٽي سي رجسٽرار ڪيس جو رڪارڊ پيش ڪيو، جڏهن ته جاچ آفيسر ٻڌايو ته پهرين پوليس رمانڊ مليو هو، پر شام 7 وڳي جوابدار کي جيل حوالي ڪيو ويو.
ان تي جسٽس ظفر رمارڪس ڏنا ته پوليس رمانڊ تي وائٽو لڳائي جيل ڪسٽڊي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته دستاويزن ۾ اڃا به ”پوليس“ لکيل آهي.
عدالت جوابدار کي ٻيهر اي ٽي سي ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جتي کيس 4 ڏينهن لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.