سپريم ڪورٽ ۾ باجوا جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ واري معاملي تي بحث

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن ۾ عام شهريءَ جي ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي دوران اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوه جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ بابت جسٽس منصور علي شاهه جي فيصلي جو حوالو ڏنو ويو.
جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني آئيني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران پي ٽي آءِ باني عمران خان جي وڪيل عزير ڀنڊاري پنهنجا دليل ڏنا.
ٻڌڻي دوران جسٽس امين الدين خان رمارڪس ڏيندي چيو ته وڪيل سلمان راجا پنهنجي دليلن ۾ ڀارت جو حوالو ڏنو، جتي ملٽري ٽرائل خلاف آزاديءَ سان اپيل جو حق حاصل آهي.
جسٽس محمد علي مظهر جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ به ڪلڀوشن يادَو لاءِ خاص قانون ذريعي اپيل جو حق ڏنو ويو، جيڪو عالمي عدالت انصاف جي فيصلي تحت مليو.
جسٽس نعيم اختر افغان نشاندهي ڪئي ته اڳوڻي آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ بابت قانون موجود نه هو، پر سپريم ڪورٽ جي هدايتن تي پارليامينٽ قانون سازي ڪئي.
جسٽس امين الدين خان ان تي تبصرو ڪندي چيو ته هڪ نوٽيفڪيشن لاءِ سڀ گڏ ٿي ويا هئا، اِها ئي ته اسان جي حالت هئي.
عزير ڀنڊاري عدالت کي ٻڌايو ته فوجي عدالتن ۾ منصفاڻي ٽرائل جو تصور موجود ناهي، جتي موت جي سزا به ڏني ويندي آهي، پر ججن جي نه ڪو مدو مقرر هوندو آهي نه ئي سندن ٽريننگ ۽ قانوني ڄاڻ هوندي آهي.
سزا خلاف اپيل جو ڪو به حق ناهي، رڳو آرمي چيف کي رحم جي اپيل ڪئي ويندي آهي.
جسٽس مسرت هلالي ۽ جسٽس جمال خان مندوخيل خطن بابت تازي تڪرار جو ذڪر ڪندي وڪيل کي بنيادي حقن تي ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.