اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم رمضان رليف پيڪيج تحت حقدار خاندانن کي 5-5 هزار رپيا روڪ مالي امداد جي تجويز ڏني وئي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف رمضان پيڪيج جي سمري منظوري لاءِ وفاقي ڪابينا ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، وزيراعظم رمضان رليف پيڪيج تحت 39 لک خاندانن کي روڪ رقم ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، پيڪيج تحت في مستحق خاندان لاءِ 5 هزار رپيا روڪ مالي امداد جي تجويز آهي.
وزيراعظم رمضان رليف پيڪيج جو ڪاٿو 20 ارب 50 ڪروڙ رپيا لڳايو ويو آهي ۽ پيڪيج لاءِ 10 ارب رپيا صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي بجيٽ مان فراهم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
پيڪيج لاءِ 2 ارب رپيا بي آءِ ايس پي جي بجيٽ مان ڏيڻ جي تجويز سامهون آئي آهي، جڏهن ته ناڻي واري وزارت پيڪيج لاءِ 8 ارب 50 ڪروڙ رپيا فراهم ڪندي.
You might also like