رمضان دوران اسڪولن جو وقت تبديل، نوٽيفڪيشن جاري

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي تعليم کاتي رمضان لاءِ اسڪولن جي نون وقتن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
نوٽيفڪيشن موجب، سومر کان خميس تائين اسڪول صبح 8:30 وڳي کان 1:00 وڳي تائين هلندا، جڏهن ته جمعي تي 12:30 وڳي اسڪولن جي موڪل ٿيندي.
ڊبل شفٽ وارن اسڪولن لاءِ پهرين شفٽ 8:30 کان 12:00 ۽ ٻي شفٽ 1:00 کان 4:00 وڳي تائين هوندي.
نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شاگردياڻين کي 15 منٽ اڳ موڪل ڏني ويندي، جڏهن ته نئون شيڊيول سڄي صوبي جي اسڪولن تي لاڳو هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.