پارلياماني ڪارڪردگي ۾ اعظم نذير پهرين ۽ محسن نقوي آخري نمبر تي

اسلام آباد (م ڊ) پهرئين پارلياماني سال جي پڄاڻي تي پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ليجسليٽو ڊيولپمينٽ اينڊ ٽرانسپيرنسي (پلڊاٽ) وفاقي ڪابينا جي پارلياماني ڪارڪردگي تي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. پلڊاٽ رپورٽ موجب وفاقي ڪابينا ۾ 18 وزير ۽ 2 مملڪتي وزير آهن، ڪابينا ۾ رڳو هڪ عورت مملڪتي وزير ۽ ڪير به غير مسلم ناهي. پلڊاٽ موجب ڪارڪردگي  جي لحاظ کان قانون وارو وزير اعظم نذير تارڙ پهرئين نمبر تي رهيو، حاضري ۽ ايوان ۾ سڀ کان وڌيڪ ڳالهائڻ ۾ به پهرئين نمبر تي آهي. خواجا آصف ٻئي نمبر تي ۽ عطا تارڙ پنجين نمبر تي رهيو. محمد اورنگزيب حاضري ۾ 12هون ۽ ڳالهائڻ ۾ چوٿون نمبر رهيو. احد چيما ۽ محسن نقوي پارلياماني ڪارڪردگي جي حوالي سان آخري نمبر تي رهيا. حاضري ۾ عليم خان اٺون، احد چيما 17هون نمبر رهيو. محسن نقوي حاضري ۾ 16هون، احسن اقبال 14هون نمبر آهي. علي پرويز ملڪ نائون، امير مقام، ڇهون ۽ چوڌري سالڪ حسين 15هون نمبر آيو. خالد مقبول صديقي ستون، ڄام ڪمال نائون، اسحاق ڊار 13هون، مصدق ملڪ 11هون، راڻا تنوير حسين چوٿون، اويس لغاري 10هون، شزا فاطما ستين نمبر تي آئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.