پاڻي موجود ئي ناهي، ڪئنال نٿا ٺهي سگهن: مراد علي شاهه\ٽيلي ميٽري سسٽم سان پاڻي چوري نه ٿيندو:احسن اقبال

ڪراچي (رپورٽر )وفاقي حڪومت پاڻي ۽ ٻين مسئلن تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي،اها ڳالھه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڪستان جي ٽريلين ڊالرن جي معاشي ويزن جي حصول لاءِ اتحاد، اسٽريٽجڪ اقتصادي رٿابندي ۽ بنيادي اسٽرڪچر جي ترقي واري پروگرام ۾ سومر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ سنڌ حڪومت پاران منعقد ڪيل ”اڙان پاڪستان“ ورڪشاپ ۾ وفاقي وزير احسن اقبال ڳالهائيندي ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته معاشي ترقي لاءِ توانائي ۽ انفراسٽرڪچر جي ترقي تمام ضروري آهي،قابل اعتماد توانائي ۽ جديد انفراسٽرڪچر کانسواءِ اسان برآمدات وڌائي نٿا سگهون. هن تجويز ڏني ته هيوي ٽريفڪ کي لياري ايڪسپريس وي ڏانهن موڪليو وڃي ته جيئن سامان جي چرپر کي آسان بڻائي سگهجي،وڏي وزير اعلان ڪيو ته شاهراهه ڀٽو کي هلندڙ سال جي آخر تائين مڪمل ڪيو ويندو،وڏي وزير چيو ته ٿر ڪول جو استعمال گهٽ آهي ۽ جھمپير ڪوريڊور جي 50 هزار ميگاواٽ گنجائش هجڻ باوجود پاڪستان رڳو 2 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيو آهي. هن قابل تجديد توانائي ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ تي زور ڏنو ته جيئن درآمد ٿيل تيل تي دارومدار کي گهٽائي سگهجي. ڊجيٽل ۽ ٽيڪنالاجي جي ترقيءَ بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته پاڪستان جي نوجوانن وٽ بي پناهه صلاحيتون آهن پر تيز رفتار انٽرنيٽ ۽ ڊجيٽل انفراسٽرڪچر جو فقدان سندن عالمي سطح تي مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيو آهي، آبادي ۾ واڌ بابت ڳالهائيندي مراد علي شاهه آبادي کي پاڪستان جو سڀ کان وڏو چئلينج قرار ڏيندي چيو ته پاڙيسري ملڪن موثر طريقي سان آبادي جي واڌ تي ڪنٽرول ڪيو آهي جڏهن ته پاڪستان اهڙين حڪمت عملين تي عمل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي،صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه تقريب ۾ ڳالهائيندي چيو ته اڏام پاڪستان پروگرام وزيراعظم ۽ وفاق جو پروگرام آهي، جيڪو ترقي جي سفر جو اهم حصو آهي، سنڌ هن پروگرام ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪندي، تقريب ۾ وزيرن، سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ،ڄام خان شورو،قاسم نويد قمر،چيف سيڪريٽري سنڌ، صوبائي سيڪريٽرين، واپارين ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.بعد ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  وفاقي وزير احسن اقبال گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي موسمياتي آفتن بابت سنڌ جي خطري کي اجاڳر ڪندي چيو ته 2022ع جي ٻوڏ ۾ صوبو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو، سمنڊ جي سطح ۾ واڌ سان سنڌ جا ساحلي علائقا تباهه ٿي رهيا آهن. وڏي وزير احسن اقبال چيو ته هن بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي گرين ريووليوشن 2.0 تي عمل ڪرڻو پوندو، احسن اقبال چيو ته سنڌ وٽ 400 سال پراڻا ڪوئلي جا ذخيرا آهن جن کي سنڌ حڪومت جي سهڪار سان صوبي کي توانائي جو مرڪز بڻائڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. هن اهو پڻ اعلان ڪيو ته ڪراچي-حيدرآباد موٽر وي جي بحالي سان گڏ سکر-حيدرآباد موٽر وي پروجيڪٽ هن سال شروع ڪيو ويندو ۽ ان کي بندرگاهن جي رابطن لاءِ وڌيڪ موثر بڻايو ويندو. احسن اقبال پاڪستان جي وڌندڙ آبادي ۾ 2.55 سيڪڙو واڌ جي شرح تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن روڪيو نه ويو ته اها معيشت کي تباهه ڪري سگهي ٿي،هن چيو ته هن وقت اسان کي سياسي لانگ مارچ جي ضرورت ناهي پر معاشي لانگ مارچ جي ضرورت آهي،وڏي وزير صوبي ۾ پاڻي جي کوٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي واضح ڪيو ته چولستان ڪينال جي منظوري جي رپورٽن باوجود سسٽم ۾ نوان ڪينال ٺهڻ لاءِ پاڻي موجود ناهي،سنڌ حڪومت پنهنجي پاڻي جي حقن لاءِ روڊن تي احتجاج بدران قانوني ۽ آئيني طريقي سان وڙهندي،وڏي وزير چيو ته اسان کي روڊن تي اچڻ جي ضرورت ناهي، اسان حقيقي انگن اکرن سان پنهنجو ڪيس ثابت ڪري سگهون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته ٽيلي ميٽري سسٽم آخرڪار پاڻي جي ورڇ جي حقيقي ڊيٽا کي ظاهر ڪندو. احسن اقبال چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) وچ ۾ اتحاد مضبوط آهي ڇوته ٻنهي پارٽين وٽ خدشا ختم ڪرڻ جو ميڪنزم موجود آهي. هن چيو ته حڪومتي اتحاد کي ڪو به خطرو ناهي، هن ان ڳالهه جي به تصديق ڪئي ته وزيراعظم شهباز شريف جلد گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جو اجلاس طلب ڪندو. احسن اقبال يقين ڏياريو ته سمورن صوبن کي وسيلن مان منصفاڻو حصو ملندو ۽ ڪو به صوبو ٻين جي حقن کان محروم نه رهندو. هن چيو ته عارف علوي پروپيگنڊا ڪري رهيو آهي ۽ دعويٰ ڪري رهيو آهي ته پاڪستان جي صورتحال ڪشمير ۽ غزه کان به خراب آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان خلاف آءِ ايم ايف کي خط لکڻ معاشي دهشتگردي آهي. پي ٽي آءِ را (RAW) کان به وڏي پاڪستان مخالف مهم هلائي رهي آهي.احسن اقبال چيو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي ته سنڌ جي پاڻي جو ڦڙو به ٻيو صوبو کڻي،اربين رپين سان جديد ٽيلي ميٽري سسٽم ٺاهي رهيا آهيون،ڪو به صوبو ٻئي صوبي جو پاڻي کڻي وڃي اهو ممڪن نه هوندو،موسمياتي تبديلين اسان لاءِ پاڻي کوٽ ۽ فوڊ سيڪيورٽي جا مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا آهن،اسان کي ملڪ ۽ صوبن جي مفاد ۾ اهڙا منصوبا ٺاهڻا آهن جيئن مستقبل ۾ اسان پاڻي کوٽ کي منهن ڏئي سگهون،ان معاملي تي اسان کي سياست ناهي ڪرڻي،ماهرن سان گڏ ويهي ماڻهن جي خوراڪ ۽ پاڻي کوٽ کي منهن ڏيڻو آهي،ڏڪار به اچي سگهن ٿا،اڏام پاڪستان پروگرام جو مقصد اهو آهي ته صوبن مان پاڻي ماهر گڏ ڪري انهن سان گڏ ويهي تجويزون وٺون، وڏي وزير چيو ته وضاحت ڪرڻ چاهيان ٿو ته پاڻي ناهي، ان ڪري ڪئنال نٿا ٺهي سگهن،سي سي آءِ ۾ انگن اکرن سان پنهنجو ڪيس وڙهنداسين،اسان جو پاڻي تربيلا وٽان ڳڻيو وڃي ٿو پر هاڻي گڊو وٽان ڳڻيو ويندو،ڪئنالن تي سياست ڪندڙ چون ٿا ته سنڌ حڪومت سان نه ڳالهائينداسين،ڪئنالن تي سياست ڪندڙن جو عوام ساٿ نه ڏئي،چولستان ڪئنال لاءِ پاڻي ارسا منظور ڪيو ان بابت خبر هلي ارسا جو اجلاس ڪڏهن ٿيو اسان کي به خبر ناهي؟اها هڪ سال پراڻي خبر آهي ميڊيا کي هاڻي ياد آئي آهي،مون کي نه ڪنهن هڙتال نه قانون هٿ ۾ کڻڻ جي ضرورت آهي،ڪئنالن تي پ پ ۽ سنڌ حڪومت جو موقف واضح آهي،هن وقت اسان کي اعتراض آهي ته سسٽم ۾ پاڻي ناهي،جڏهن ٽيلي ميٽري سسٽم لڳو ته پوءِ ڏٺو ويندو،ان معاملي کي ٿڌي دماغ سان فني طور اسان کي ثابت ڪرڻو پوندو،اها ڪا سياسي جنگ ناهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.