مخالف ڌر وفد جون قادر مگسي ۽ اياز لطيف پليجي سان ملاقاتون

حيدرآباد(رپورٽر) مخالف ڌر جي وفد قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي رھائش گاھ قاسم آباد پھچي ساڻس ملاقات ڪئي، وفد ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ، اڳوڻو اسپيڪر اسد قيصر،صاحبزاده حامد رضا،محمود خان اچڪزئي،سردار لطيف کوسو، ناصر شيرازي، ساجد ترين،حليم عادل شيخ ۽ ٻيا شامل هئا. اجلاس ۾ 26 هين آئيني ترميم، پياي سي اي ايڪٽ ۽ سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جي معاملي تي بحث ڪيو ويو. اياز لطيف پليجي چيو ته سڀني صوبن کي ڳنڍڻ جا ذريعا آئين، عدليه ۽ سنڌو درياھ آهي. سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ گورننس ۽ آئيني بالادستي جو بحران آهي. جيڪڏهن چولستان ۽ ٻيا ڪئنال ٺاهيا ويا ته سنڌ جو پاڻي بند ٿي ويندو. اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي صاحبزاده حامد رضا چيو ته موجوده پارليامينٽ ۾ عوام جو مينڊيٽ شامل ناهي. عدليه کي 26 هين آئيني ترميم ۽ صحافت کي پيڪا ذريعي قتل ڪيو ويو آهي.اسد قيصر ۽ صاحبزادي حامد رضا چيو ته اسين سنڌ جي هارين سان گڏ آهيون، ڪنهن کي به سنڌ جو پاڻي چوري ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين ٻئي پاسي مخالف ڌر جي وفد ايس ٽي پي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سان ملاقات ڪئي،جنهن ۾ ملڪي ۽ سنڌ جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون،بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي محمود اچڪزئي چيو ته قادر مگسي کي به ”غدارن“ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏيڻ آيا آهيون،حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪندڙ کي غدار ڪوٺيو وڃي ٿو،پاڪستان کي ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ ايس او ايس ميسيج کڻي پهتا آهيون، هن چيو ته پاڻي ۽ معدني وسيلن تي پهريون حق صوبن جو آهي،سنڌ کي حق ملڻ گهرجن،سينيٽ اختيارن ۾ قومي اسيمبلي جي برابر هجڻ گهرجي،قادر مگسي چيو ته محمود اچڪزئي جي دعوت تي اسلام آباد ڪانفرنس ۾شرڪت ڪنداسين،اسان جي خدشن کي ختم ڪيو ويو ته ٿي سگهي ٿو اسان به انهن غدارن جي لسٽ ۾ شامل ٿي وڃون،رياست رڳو خودڪش بمبارن جا ڌماڪا ٻڌي سگهي ٿي،گولين جا آواز ٻڌي سگهي ٿي، غريب،محڪوم عوام جا آواز ان جي ڪنن تائين نٿا پهچن،حڪمران هزارن ۾ آهن،اسان ڪروڙن ۾ آهيون جيڪڏهن اسان ڪروڙين ماڻهو متفق ٿي وياسين ته حڪمرانن کي ڪان ۽ ڳلي مان پڪڙي پنهنجو آواز ٻڌائي سگهون ٿا،ان موقعي تي حيدر شاهاڻي،گلزار سومرو،فتاح سميجو،هوت گاڏهي به موجود هئا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.