ڪراچي ۾ جسقم اڳواڻن سميت 500 ڪارڪنن خلاف دهشت گردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل

ڪراچي( رپورٽر) ڪراچي ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻن سميت 500 ڪارڪنن خلاف پوليس تي حملي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ دهشتگردي جا قلم به شامل آهن. ڪراچي جيريڊي پوليس ٿاڻي تي داخل ڪيل ڪيس ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته جسقم جي ريلي، جيڪا ايئرپورٽ کان پريس ڪلب وڃي رهي هئي، ايف ٽي سي واري هنڌ پهتي ته  جسقم اڳواڻن اسلم خيرپوري، نياز ڪالاڻي، اسماعيل نوٽڪاڻي جي چوڻ تي ريلي ۾ موجود 400 کان 500 جي لڳ ڀڳ ماڻهن لٺين ۽ پٿرن سان هٿياربندن پوليس تي حملو ڪيو. آفيسرن ۽ موبائلن تي حملا ڪيا ويا. حملي ۽ ڀڃ ڊاهه دوران ڪجهه پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا ۽ 3 پوليس موبائيل کي به نقصان پهتو. ياد رهي ته پنجاب ۾ چولستان ڪينال ۽ ٻين ڪينال جي اڏاوت خلاف سنڌ ۾ سياسي پارٽين پاران احتجاج جو سلسلو جاري آهي. جسقم آريسر پاران سکر کان پنڌ مارچ ڪيو ويو جيڪو آچر تي ڪراچي پهتو. پوليس ۽ رينجرز شاهراهه فيصل تي ايف ٽي سي واري هنڌ رنڊڪون لڳائي مارچ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن بعد ڪارڪنن مزاحمت ڪئي، ڪارڪنن رستو تبديل ڪري پريس ڪلب پهتا، جتي ڌرڻو هنيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.