ڌاڙيلن کي سردار ٺاهين ٿا،ڪئنالن خلاف ڊگهي جدوجهد ڪرڻي پوندي:اياز لطيف

نصير آباد(ن ع آ) نصير آباد جي ڳوٺ جاڙا واهوچا ۾ سنڌ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيل سردار ٿا پيدا ڪن، توهان وري انهن سردارن مان  اميد ٿا رکو. سنڌ جي بقا جو واحد رستو وطن دوست، عوام دوست، علم دوست سياست ۾  آهي،هن چيو ته سنڌو درياءَ تي ڪئنال اڏي حڪمران سنڌ کي تباھ ڪرڻ چاهين ٿا،پ پ وارا ڪئنالن جي منظوري بعد سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين پيا کپائين ڪينالن ۽ گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ جي ھزارين ايڪڙ زمينن تي قبضن خلاف ھي عارضي يا ھڪ ڏينھن جي جدوجهد ناهي  مسلسل اڻٿڪ ۽ طويل جدوجھد جاري رکڻي پوندي ۽ سنڌ جي ھر سياسي، سماجي ۽ پروفيشنل تنظيم کي ھڪ ھڪ ضلعي، ھڪ ھڪ شھر ۽ ھڪ ھڪ ڳوٺ کي سجاڳ ڪري ميدان ۾ لاھڻو پوندو. سنڌ جا ايم پي اي، ايم اين ايز ۽ سينٽر زمينن تي والار ۽ ڪينالن خلاف ڇو خاموش آهن. هن چيو ته سنڌ دشمن منصوبا رد نه ٿيا ته ڪراچي کان ڪشمور تائين ھر ڪلو ميٽر تي مزاحمت ڪنداسين،سنڌي شاگرد تحريڪ جي اڳوڻي مرڪزي صدر سرتاج چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياءَ خلاف ڪنھن به قسم جي سازش پاڪستان جي 25 ڪروڙ عوام خلاف سازش آھي،اڳوڻي شاگرد اڳواڻ ڊاڪٽر سعيد ميمڻ خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ جا وسيلا ۽ لکين ايڪڙ زمين جو سودو ڪري اقتدار ورتو آھي ڪرپشن ڪري سنڌ جو پئسو ٻاھر منتقل ڪيو پيو وڃي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.