ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان کي ٽريلين ڊالر معيشت بڻائڻ مشڪل نه آهي.
هڪ تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته ملڪ کي وڏي معيشت بڻائڻ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو وڌندڙ آبادي آهي.
هن چيو ته ”اُڙان پاڪستان“ جا پنج ايجنڊا پاڪستان پيپلز پارٽي جي منشور جو حصو هئا، پر ايڪسپورٽ وڌڻ بدران گهٽجي وئي آهي.
مراد علي شاهه ٻڌايو ته وزيراعظم پورٽس جي ترقي لاءِ سنجيده آهي، پر اتي ٽرڪ ذريعي سامان جي منتقلي رڳو رات جي وقت ٿي سگهي ٿي.
هن وڌيڪ چيو ته لياري ايڪسپريس وي کي هيوي ٽريفڪ لاءِ مخصوص ڪرڻو پوندو، ان لاءِ اتحاد ضروري آهي.
وڏي وزيرٰ جو چوڻ هو ته توانائي ۽ انفرااسٽرڪچر کانسواءِ ايڪسپورٽ نٿي وڌي سگهي، جيڪڏهن حيدرآباد-سکر روڊ جي حالت بهتر نه هوندي ته واپار به متاثر ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته شاهراهه ڀٽو کان هيوي ٽريفڪ لاءِ متبادل رستو ملندو، اسان چاهيون ٿا ته هيوي ٽريفڪ لاءِ رنگ روڊ هئڻ گهرجي.
مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي به ان معاملي تي خدشا آهن. هن چيو ته ڌاٻيجي جهڙو صنعتي علائقو ڪٿي به نه آهي، اسان کي سپورٽ جي ضرورت آهي.
You might also like