حيدرآباد (رپورٽر) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي جو سول اسپتال حيدرآباد جي دل واري وارڊ ۾ علاج جاري آهي، جتي سندس طبيعت بهتر ٻڌائي پئي وڃي. ماهر پروفيسر ڊاڪٽر ڪاشف شيخ موجب غلام مرتضيٰ جتوئي جون بلڊ ٽيسٽ رپورٽون نارمل آهن، جڏهن ته دل جي دوري بابت ڪيل ٽيسٽ به نيڪيٽو آئي آهي. سندس اي سي جي ۽ ايڪو جون رپورٽون به ٺيڪ آهن، جڏهن ته اسٽريس ايڪو ٽيسٽ ڪرائي ويندي جنهن بعد کيس وڌيڪ اسپتال ۾ رکڻ يا نه رکڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو. ڊاڪٽر موجب هن وقت شگر ۽ بلڊ پريشر ڪنٽرول ۾ آهن، تنهن ڪري انجيوگرافي يا انجيوپلاسٽي جي ضرورت ناهي. هوڏانهن ايڊووڪيٽ عبدالله ڪورائي اسپتال ۾ غلام مرتضيٰ جتوئي سان ملاقات ڪري ڪيسن کي منهن ڏيڻ بابت قانوني صلاح مشورا ڪيا.
مرتضيٰ جتوئي جو سنڌ جي حقن لاءِ سياست ۾ سرگرم ٿيڻ جو اعلان
حيدرآباد (م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير غلام مرتضيٰ جتوئي سان قانوني صلاحڪار عبدالله ڪورائي ملاقات ڪئي، صحافين سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته مرتضيٰ جتوئي جي طبيعت بهتر آهي ۽ هو ڪا به واڌو سهولت وٺڻ نٿو چاهي. ڊاڪٽرن کيس آرام جي صلاح ڏني آهي. مرتضيٰ جتوئي پنهنجي ڳالهه رکندي چيو ته سنڌ جي حقن لاءِ تحريڪ کانسواءِ ڪو دڳ ناهي. هاڻي سياست کان پري رهڻ ممڪن ناهي، اسان کي پنهنجي حقن لاءِ مهاڏو اٽڪائڻو پوندو. هن خاص طور تي ڪئنال خلاف جدوجهد ۽ سنڌ جي وسيلن جي تحفظ لاءِ مقابلي جو اعلان پڻ ڪيو. عبدالله ڪورائي اينٽي ڪرپشن ڪيس بابت ٻڌايو ته ان ۾ الزام آهي ته 1984ع ۾ ميونسپل ڪميٽي مورو هڪ هزار فٽ جو پلاٽ غلام مرتضيٰ جتوئي کي الاٽ ڪيو، جنهن بعد مبينا طور تي اهو ڪنهن ٻئي کي وڪرو ڪيو ويو. اهو پلاٽ جتوئي خاندان جي ملڪيت هو، جتي اڳ هڪ بينڪ ۽ پيٽرول پمپ پڻ قائم هئا.
حڪمرانن جون نظرون ڪيٽي جتوئي تي آهن:نوين جتوئي
هيوسٽن(امتياز چانڊيو)مرتضيٰ جتوئي جي گهرواري نوين جتوئي چيو آهي ته ممتاز ڀٽو واري ڪيٽي تي قبضي بعد هاڻي حڪمرانن جون نظرون ڪيٽي جتوئي جي زمينن تي آهن،منهنجي پڦي جي زمين 900 ايڪڙ آهي،ان کانپوءِ ٿي سگهي ٿو هو چون ته هاڻي گهر به خالي ڪريو،هن چيو ته سنڌ جي روڊن جي حالت خراب آهي،دل جي مريض مرتضيٰ جتوئي کي هٿڪڙي هڻي بڪتربند گاڏي ۾ انهن ئي روڊن تي جيل نيو ويو،اسان روز روز نون ڪيسن سبب ڪراچي به نٿا وڃي سگهون،رات به حيدرآباد مان واپس نيوجتوئي پهتاسين،هن چيو ته ايتري بدمعاشي جو اسان کي جيل ۾ مرتضيٰ خان سان ملاقات به ڪرڻ نٿي ڏني وڃي،اسان کي به اقتدار مليو آهي پر ڪڏهن به ڪنهن سان ناجائزي ناهي ڪئي،اقتدار عارضي هوندو آهي،حڪمرانن جو اسان سان خبر ناهي ڪهڙو وير آهي؟اهي ڀليون هٿڪڙيون لڳرائن،عزت ذلت،موت زندگي سڀ الله جي هٿ ۾ آهي،ڪالهه اسپتال ٻاهران اسان کي عوام پاران وڏي موٽ ملي آهي،اسان ته هيل تائين پنهنجي ماڻهن کي احتجاج کان روڪيندا پيا اچون اها باهه وڌي ته بلوچستان، پنجاب،پوري سنڌ ۾ انهن جو تماشو لڳي ويندو، اسان قانون جو سهارو ورتو آهي،هن چيو ته مرتضيٰ جتوئي تي لاڙڪاڻي ۾ ون ٽو فائيو موٽرسائيڪل ڦرڻ ۽ هڪ شخص کان ٽي هزار ڦرڻ جو ڪيس داخل ٿيل آهي،عدالتي حڪم باوجود انهن اينٽي ڪرپشن واري ايف آءِ آر ڪاٽي،موري ۾ جتي اسان جي ابن ڏاڏن جون هزارين ايڪڙ زمينون آهن اتي اها ايف آر آر داخل ڪئي وئي آهي ته مرتضيٰ خان هڪ هزار فوٽ تي قبضو ڪيو آهي،نوابشاهه ۽ نوشهروفيروز ۾ حڪمرانن جا رڳو اسان ئي مخالف آهيون،اهي سنڌ کي پنهنجي جاگير سمجهي رهيا آهن.