ڪئنالن،ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ بدامني خلاف ڪنڌڪوٽ ۾ قومي عوامي تحريڪ جو مارچ

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي+عرفان سنڌي)ڪنڌڪوٽ ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ،ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ اتر سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني لاقانونيت خلاف قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي جي اڳواڻي ۾ گهنٽا گهر چوڪ کان لائبريري چوڪ تائين درياء بچايو پيادل مارچ ڪڍيو ويو مارچ ۾ سنڌياڻين سميت وڏي تعداد ۾ ماڻھن شرڪت ڪئي جلسي عام کي اياز لطيف پليجو خطاب ڪندي چيو ته چولستان ڪئنال جو افتتاح سنڌ تي حملو آھي آصف زرداري جي آشير واد سان ارسا چولستان ڪئنال لاءِ پاڻي منظور ڪيو آھي ڪوٽڙي کان ھيٺ سنڌو درياهه ريگستان بڻجي ويو آھي سڪل درياهه ۾ واري پئي اڏامي انڊس رور سسٽم ۾ ضرورت جيترو پاڻي ناھي 1991 ٺاھ تي عمل نٿو ڪيو وڃي هن  چيو ته گرين پاڪستان معني سڄو پاڪستان سائو هجي شهباز شريف ۽ مريم نواز جي پاليسي آهي ته گرين پاڪستان معني پنجاب سائو ڪجي باقي سنڌ زرد ٿئي سڪي ڀڙڀانگ ٿئي انڪم سپورٽ ذريعي اڳ ۾ ئي عورتن کي پنڻ سيکاريو ويو آهي پيپلزپارٽي سمجهي ٿي ته اسان وفاق سان سنڌ جو سودو ڪيو آهي ته سنڌ خاموش رهندي پر سنڌ پنهنجي پاڻي جو هڪ ڦڙو به ڏيڻ نه ڏيندي،هن چيو ته پيپلزپارٽي اڌ سنڌ ڌاڙيلن جي حوالي ڪري ڇڏي آھي دھشت ۽ خوف جو ماحول پيدا ڪيو ويو آھي پ پ جا وزير رڳو ڪرپشن ڪري رھيا آھن سنڌ جي امن، ترقي ۽ خوشحالي سان انھن جو ڪو واسطو ناھي پ پ حڪومت ڌاڙيلن ۽ جرڳن جي سرپرستي ڪري رھي آھي،ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، گھوٽڪي، شڪارپور سميت اتر سنڌ جا لکين ماڻھو ڌاڙيلن جي رحم ۽ ڪرم تي آھن هن چيو ته 17 سالن جي حڪومت ۾ پيپلز پارٽي جيڪو سنڌ سان حشر ڪيو آھي، ائين ضياء ۽ مشرف به نه ڪيو سنڌ ۾ زراعت، تعليم، صحت ۽ گورننس تباھ ٿي چڪي آھي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.