سڪرنڊ ۾ ايڊووڪيٽ عامر عمراڻي جي آزادي لاءِ رياض چانڊيو جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو

سڪرنڊ(رپورٽ: راج ڪماراوڏ)سڪرنڊ مان ٽي ڏينهن اڳ رات جي اونداهيءَ ۾ گهر مان کنڀي گم ڪيل ايڊووڪيٽ عامر عمراڻيءَ جي آزاديءَ لاءِ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو ۽ عمراڻي خاندان  جي مردن ۽ عورتن جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراه بند ڪري ڌرڻو هنيو ويو. جنهن ۾ عامر عمراڻيءَ ۽ جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضيٰ خان جتوئي جي آزاديءَ لاءِ سخت نعريبازي ڪئي وئي،سوين ڪارڪنن ۽ سول سوسائٽيءَ جي ماڻھن کي خطاب ڪندي رياض چانڊيو چيو ته سنڌ ۾ لاقانونيت ۽ غنڊا راڄ قائم ڪيو ويو آهي. چورن، ڦورن ۽ قاتلن کي آزاد ڇڏيو ويو آهي، جڏھن ته سنڌو درياھ تي ڪئنالن، وسيلن ۽ سنڌ جي حقن جي ڳالھ ڪندڙ قومي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري گم ڪيو وڃي ٿو هن چيو ته غلام مرتضيٰ خان جتوئي شريف ۽ بزرگ سياستدان آهي جنهن تي موٽر سائيڪل ڦر جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي سندس آزاديءَ جي گهر ڪيون ٿا،ڌرڻي کي شهزاد چانڊيو، حنان عباسي، اياز سولنگي، ايس يو پي سڪرنڊ جي صدر ايوب کوسو پڻ خطاب ڪيو، ان موقعي تي غلام مصطفيٰ عمراڻي،رابعه عمراڻي،ساجده عمراڻي،شائسته،جسم اڳواڻ اياز سولنگي،شهزاد چانڊيو،حنان عباسي، مجيد عمراڻي ۽ ٻين ڌرڻي کي خطاب ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.