وليمي کان ڪجهه دير اڳ گهوٽ اوچتو گذاري ويو، خوشيون ماتم ۾ تبديل

گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ) گوجرانوالا ۾ وليمي جي ڏينهن دل جو دورو پوڻ سبب گهوٽ لاڏاڻو ڪري ويو.
ڳوٺ بينڪه چيما جو رهواسي حافظ عمر شادي جي سلسلي ۾ اٽلي کان پاڪستان آيو هو ۽ گذريل ڏينهن سندس وليمو ٿيڻو هو.
وليمي جي تقريب کان اڳ نوجوان کي منجهند جو دل جو دورو پيو، کيس اسپتال نيو ويو پر هو نه بچي سگهيو، گهوٽ جي اوچتي موت تي شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون ۽ ڳوٺ ۾ سوڳ ڇائنجي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.