اسلام آباد ۾ نيب جو آفيسر پراسرار نموني فوت، جاچ شروع

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ نيب جو هڪ اعليٰ آفيسر پراسرار نموني فوت ٿيڻ جو واقعو سامهون آيو آهي.
پوليس موجب 19هين گريڊ جي آفيسر وقاص احمد جو لاش اسلام آباد جي جي سڪس فور سيڪٽر ۾ هڪ گيسٽ هائوس مان مليو.
پوليس اختيارين ٻڌايو ته قاص احمد جو ڪمرو اندران لاڪ هو ۽ شروعاتي جاچ ۾ جسم تي ڪنهن به تشدد يا زخم جا نشان ناهن مليا، وڌيڪ جاچ لاءِ لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب وقاص احمد جو واسطو لاهور سان هو ۽ هو ماضي ۾ اوگرا ڪيس جي جاچ آفيسر طور خدمتون انجام ڏئي چڪو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم کانپوءِ موت جو اصل ڪارڻ سامهون ايندو.
هوڏانهن نيب اختيارين افسوس جو اظهار ڪندي جاچ ۾ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.