ايف بي آر هڪ ئي ڏينهن ۾ بينڪن کان 23 ارب رپيا ونڊ فال ٽيڪس وصول ڪري ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) 21 فيبروري تي هڪ ئي ڏينهن ۾ 16 وڏين بينڪن کان 23 ارب رپيا ونڊ فال ٽيڪس وصول ڪري ورتو.
ذريعن موجب 2021 ۽ 2023 جي وچ ۾ رپئي جي قدر ۾ غير معمولي لاٿ سان پرڏيهي ناڻي مٽاسٽا جي هٿرادو طلب پيدا ٿي، بينڪن انٽر بينڪ ۽ اوپن مارڪيٽ وچ ۾ وڌندڙ فرق جو فائدو کڻندي اربين رپين جو منافعو ڪمايو.
هلندڙ هفتي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ ونڊ فال ٽيڪس خلاف مالي شعبن جون درخواستون رد ڪندي حڪومت جي حق ۾ فيصلو ٻڌايو هو.
ونڊ فال ٽيڪس حڪومت کي معاشي بي ضابطگين سبب غير امڪاني طور تي حد کان وڌيڪ ڪمايل منافعي تي 50 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو جواز ڏئي ٿو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت هيٺ ٽيڪس ريڪوري جو اهو وڏو آپريشن ٽيم ورڪ جو نتيجو هو، جنهن ۾ اسٽيٽ بينڪ گورنر فعال ڪردار ادا ڪيو.
ذريعن موجب 26هين آئيني ترميم جي نتيجي ۾ سپريم ڪورٽ ۽ سڀني هاءِ ڪورٽس ۾ آئيني بينچون جڙڻ جي نتيجي ۾ ٽيڪس معاملن سان جڙيل ڪيسن جي رفتار ۾ تيزي آئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.