اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آذربائيجان روانو ٿي ويو.
وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ طرفان جاري ڪيل بيان موجب آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي دعوت تي وزيراعظم شهباز شريف 24 کان 25 فيبروري تائين آذربائيجان جو سرڪاري دورو ڪندو، وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ اهو شهباز شريف جو آذربائيجان جو ٻيو دورو آهي.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، وفاقي وزير ڄام ڪمال، عبدالعليم خان، چوڌري سالڪ، عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص مددگار طارق فاطمي به وزيراعظم سان گڏ ويا آهن.
وزيراعظم دوري دوران آذربائيجان جي صدر سان ملاقات کانسواءِ بزنس فورم کي به خطاب ڪندو، ٻنهي ملڪن ۾ ڪيترن ئي شعبن ۾ مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون وينديون.
You might also like