راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز ڊيرا اسماعيل خان ۾ ٻن الڳ الڳ ڪارروائين ۾ 7 خارجين کي ماري ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب پهريون آپريشن درابن جي علائقي ۾ خارجين جي موجودگي جي ڳجهي اطلاع تي ڪيو ويو، جنهن دوران 4 خارجين کي ماريو ويو.
ٻيو آپريشن مادي جي علائقي ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ 3 خارجي مارجي ويا، آپريشن دوران خارجين جي قبضي مان هٿيار، گولا ۽ بارود برآمد ٿيو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته مارجي ويل خارجي ڪيترين ئي دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث هئا، هو سيڪيورٽي فورسز ۽ معصوم شهرين تي حملن ۾ ملوث هئا.
You might also like