دبئي (ويب ڊيسڪ) برطانوي ٽينس اسٽار ايما راڊوڪانو کي ميچ دوران گھورڻ ۽ پٺيان لڳڻ واري شخص کي دبئي پوليس گرفتار ڪري ورتو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ايما جي ڪوچ ٻڌايو ته گرفتار همراهه ٽينس اسٽار جو چار مختلف ملڪن ۾ پٺيان لڳل رهيو.
هن چيو ته شروعات ۾ سمجهيوسين ته هو رڳو مداح آهي، پر هوريان هوريان اهو شخص عورت رانديگر جي ويجهو اچڻ لڳو، سيلفيون ڪڍيون ۽ سيڪيورٽي گارڊ نه هجڻ جو فائدو وٺي نوجوان رانديگر کي ڀاڪر پاتو.
ڪوچ وڌيڪ ٻڌايو ته دبئي ۾ ميچ دوران جڏهن ايما راڊوڪانو ان همراهه کي ڏٺو ته هو سڏڪا ڀري روئڻ لڳي. ٽينس اسٽار امپائر کي شڪايت ڪئي، جنهن کانپوءِ هراسان ڪندڙ شخص خلاف ڪارروائي ڪئي وئي.
You might also like