چيمپيئنز ٽرافي: انگلينڊ آسٽريليا ميچ دوران امپائر ميدان ڇڏي هليو ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ۾ انگلينڊ ۽ آسٽريليا جي ميچ دوران امپائر ڪرس گيفني جي طبعيت بگڙجي وئي.
لاهور هاءِ جي قذافي اسٽيڊيم ۾ آسٽريليا ۽ انگلينڊ جون ٽيمون آمهون سامهون آهن، جنهن دوران امپائر ڪرس گيفني جي طبعيت خراب ٿي وئي.
آءِ سي سي موجب، امپائر ڪرس گيفني طبيعت بگڙجڻ تي گرائونڊ کان ٻاهر هليو ويو، جڏهن ته سندس جاءِ تي احسن رضا امپائرنگ ڪري رهيو آهي.
احسن رضا سان گڏ ٻيو آن فيلڊ امپائر جوئيل ولسن آهي جڏهن ته راشد رياض ميچ جي چوٿين امپائر جا فرض انجام ڏئي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.