واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جي چيئرمين، چارلس برائون کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو.
جنرل چارلس برائون آمريڪي هوائي فوج ۾ فائيٽر پائلٽ جي حيثيت سان هڪ تاريخي شخصيت سمجهيو ويندو آهي ۽ کيس فوج ۾ مختلف نسلن ۽ صنفي برابري جو چيمپيئن مڃيو ويندو هو.
هو آمريڪي فوج ۾ ڪاري نسل وارو جنرل هو جيڪو جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جي چيئرمين جي عهدي تائين پهتو هو.
ميڊيا رپورٽن موجب، جنرل چارلس برائون جي 16 مهينن جي دور ۾ آمريڪا يوڪرائن ۽ وچ اوڀر جي جنگن ۾ ڦاٿل رهيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، صدر ٽرمپ هوائي فوج جي ليفٽيننٽ جنرل ڊين رازين ڪين کي جنرل چارلس برائون جي جاءِ تي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جو چيئرمين مقرر ڪيو آهي.
ان سان گڏوگڏ ٽرمپ انتظاميا بچاءَ واري کاتي مان 5 هزار ماڻهن کي نوڪري تان هٽائڻ جو فيصلو به ڪيو آهي، جڏهن ته آمريڪي صدر يوڪرائن کان 500 ارب ڊالر جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته آمريڪا پنهنجو خزانو يوڪرائن جي جنگ تي خرچ ڪيو.
ٻئي پاسيبرطانوي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته يوڪرائن جو صدر والاديمير زيلينسڪي آمريڪي سيڙپڪارن کي معدنيات تائين رسائي ڏيڻ تي راضي ٿي ويو آهي.
You might also like