سنڌي سميت ٻين ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي:سسئي پليجو

ٺٽو(ڊ ر) اڳوڻي صوبائي وزير سينيٽر سسئي پليجو چيو آھي ته ٻولين جي عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي ھن ملڪ جي رياست وفاقي ادارن کان ھڪ دفعو ٻيھر گھر ڪريون ٿا ته سنڌي ٻولي سميت ملڪ  جي اهم ٻولين کي قومي ٻولي جو آئيني درجو ڏنو وڃي، پاڪستان گھڻ قومي ٻولي ۽ قوميتن وارو ملڪ آھي، سنڌي سميت ٻيون ٻوليون اھم آھن، انھن کي قومي ٻولي واري حيثيت ملڻ گھرجي، اھو سنڌي ٻولي جو حق آھي، ھن چيو ته مونکي خوشي ٿي ته 2017ع ۾ قومي ٻولين وارو بل جيڪو ابراهيم جويو جي سرپرستي ۾ ٺھيو ۽ آئون سينيٽ ۾کڻي وئي ھئس، اھو پھريون دفعو ھو جو پارليامينٽ جي ڪنھن اسٽيڊنگ ڪميٽي مان ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ جو بل پاس ٿيو، پر ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم جي ساٿ نه ڏيڻ ڪري ھائوس ۾ اڪثريت نه ملي پر اھا خواھش رکون ٿا ته اسان جا ٻيا ساٿي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ قانونسازي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندا، ھن چيو ته اسان سمجھون ٿا ته تھذيب ۽ تاريخ ۾ سنڌي ٻولي سڀ کان قديم ۽ شاھوڪار ٻولي آھي، جنھن بابت تحقيق ٿي آھي ۽ ٿي رھي آھي،ھن چيو ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ وقت جي اھم ضرورت آھي، ماضي ۾ پيدا ٿيل احساس محرومين سبب اسان گھڻو ڪجهھ وڃايو ۽ برداشت ڪيو آھي، اھا ناانصافي ۽ تفريق ختم ڪرڻا پوندا، ٻولي اسان جي بنيادي سڃاڻپ آھي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران رمضان المبارڪ جو عدالتي شيڊول جاري

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ رمضان المبارڪ جي مهيني جو عدالتي شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب رمضان المبارڪ دوران ڪيسن جي ٻڌڻي صبح ساڍين 8 وڳي شروع ٿيندي، ٻڌڻيون هڪ وڳي تائين ٿينديون ۽ اڌ ڪلاڪ چيمبر جو ڪم به ٿيندو، جمعي تي ڪيسن جي ٻڌڻي صبح ساڍين 8 وڳي کان منجهند ساڍين 12 وڳي تائين ٿيندي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي پرنسپل بينچ، سکر، لاڙڪاڻو، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص بينچن ۾ ڇنڇر جو ڏينهن فيصلن جو ڏينهن هوندو، رجسٽرار سنڌ هاءِ ڪورٽ سهيل لغاري پاران نوٽيفڪشن جاري ڪيو ويو آهي، نوٽيفڪشن موجب، هاءِ ڪورٽون ۽ صوبي جون ماتحت عدالتون هن شيڊول مطابق ڪم ڪنديون،

حڪومت پاران ڊجيٽل پاڪستان جي حوالي سان هڪ ٻيو اهم قدم

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ )پاڪستان آفريڪا، عرب ملڪن ۽ فرانس سان پنهنجي انٽرنيٽ ڪنيڪشن کي وڌيڪ بهتر بڻائي رهيو آهي، ٽيلي ڪام انڊسٽري جي ذريعن موجب آفريڪا ون نالي انڊر سي فائبر آپٽڪ انٽرنيٽ ڪيبل  اڄ پاڪستان جي سامونڊي پٽي تائين پهچندي، آفريڪا ون سب ميرين ڪيبل پاڪستان جو آفريڪا، يو اي اي، سعودي عرب، مصر ۽ فرانس سان انٽرنيٽ ڪنيڪشن کي بهتر بڻائيندو،آفريڪا ون انٽرنيٽ ڪيبل سمنڊ جي هيٺان 10 هزار ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي، جنهن ۾ عالمي ڪنسورشيم اتصالات،جي 42،پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپني ۽ ٽيلي ڪام مصر شامل آهن،آفريڪا ون ڪيبل سڀاڻي اڄ ڪراچي جي ساحل تي لينڊ ڪيو ويندو، جيڪو ايندڙ مرحلي ۾ پي ٽي سي ايل جي ملڪ گير انٽرنيٽ سسٽم سان ڳنڍيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.