سيڪيورٽي فورسز جو خيبرپختونخوا ۾ آپريشن، ڇهه خارجي ماريا ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز جي خيبرپختونخوا جي ضلعي ڪرڪ ڪارروائي دوران ڇهه خارجي دهشتگرد مارجي ويا.
پاج فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز 21 فيبروري تي ڪرڪ ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز خوراج جي ٿاڪن کي اثرائتو نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ ڇهه دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب، ڪرڪ ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.